پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪنداسين: بلاول

پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوري قوم سوڳوار چيني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿي ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪندي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني شهرين جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي يونيورسٽي تي حملي ۾ چيني استاد مارجي ويا هئا، ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، ڪراچي ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪيون ٿا.هن چيو ته دهشتگردي جو واقعو بلوچ ڀائرن جي حقن جي آڙ ۾ ٿيو، چيني اسان جا مهمان آهن، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته ڪو به پاڪستاني مهمانن سان دهشتگردي جو واقعو برداشت نٿو ڪري سگهي، عوام پاڻ دهشتگردي کي ڏٺو آهي، پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام دهشتگردي کي ڏٺو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مذهب جي نالي تي شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام دهشتگرديءَ جي شاهدي ڏني آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چيني استادن تي حملو پاڪستان ۽ چين جي دوستي تي حملو آهي، پاڪستان ۽ چين جي عوام جي دوستي کان سڀ واقف آهن، دوستي رياست ۽ عوام جي سطح تي هوندي آهي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين هميشه چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، ماضي ۾ ڏٺو آهي ته مذهب جي نالي تي شهرين کي نشانو بڻايو ويو.پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي مهمانن تي دهشتگرد حملن کي ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي، ڪراچي يونيورسٽي تي دهشتگرد حملي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، پاڪستانين ۽ چيني ماڻهن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو