راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) سول انتظاميه سان گڏ پاڪ فوج به ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جو ڪم وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن.بلوچستان ۾ خضدار، سبي، نصيرآباد، جعفرآباد، جهل مگسي، لسبيله، صحبت پور ۽ موسيٰ خيل قدرتي آفت سبب سخت متاثر ٿيا آهن.سنڌ ۾ ٽنڊوالهيار، خيرپور، بدين، دادو، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو به آفت سٽيل آهن. ڪي پي ڪي ۾ ڊيره اسماعيل خان، ٽانڪ، سوات، نوشهره ۽ چارسده ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي سپهه سالار جي هدايتن تي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪري ڏنيون آهن.چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۾ قدرتي آفت سبب بي گهر ٿيندڙن لاءِ ريليف ڪيمپ قائم، کائڻ پيئڻ جو سامان ورهايو پيو وڃي. آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت امدادي ڪمن لاءِ فلڊ ريليف ڪوآرڊينيشن سينٽرز به قائم ڪيا ويا آهن. امدادي شين جي وصولي ۽ ورهاست لاءِ ڪليڪشن پوائنٽ به ڪم ڪري رهيا آهن.آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ پاڪ فوج جا 7522 اهلڪار مصروف آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران آفت سٽيلن کي 5487 راشن جا ٿيلها ۽ 1200 خيما ورهايا ويا آهن. امدادي ڪمن لاءِ 50 ٻيڙيون ڏنيون ويون ۽ 25 فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪيا ويا آهن.










