پاڪستان 500 ملين ڊالر يورو بانڊ وقت سر واپس ڪري ڇڏيو

پاڪستان 500 ملين ڊالر يورو بانڊ وقت سر واپس ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان 500 ملين ڊالر يورو بانڊ وقت تي واپس ڪري چڪو آهي، ان حوالي سان وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته 2015 ۾ جاري ڪيل 10 سالن جو يورو بانڊ 30 سيپٽمبر 2025 تي ميچوئر ٿيو، جنهن کان پوءِ پاڪستان 500 ملين ڊالر يورو بانڊ وقت تي واپس ڪري ڇڏيو. هن چيو ته قرضن جي بروقت ادائيگي پاڪستان جي مالي نظم و ضبط جو ثبوت آهي، ليڪويڊٽي بهتر ٿي آهي، بين الاقوامي ادارن پاڪستان جي خودمختيار ريٽنگ کي بهتر بڻايو آهي.هن چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، بانڊ پريميئم تي واپار ڪري رهيا آهن، قرض کان جي ڊي پي جو تناسب 77 سيڪڙو کان گهٽجي 70 سيڪڙو ٿي ويو آهي.هن چيو ته ڪل سرڪاري قرض ۾ ٻاهرين قرض جو حصو 38 کان گهٽجي 32 سيڪڙو ٿي ويو آهي.خرم شهزاد چيو ته مالي سال 2025 ۾ قرض جي واڌ جي رفتار خاص طور تي گهٽ هئي، پاڪستان کي عالمي سطح تي قرض وٺڻ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو