بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين پاڪستان ۾ معاشي بحران جو سبب اُسريل مُلڪن جي سخت معاشي پاليسين کي قرار ڏيندي چيو آهي ته مالياتي ادارا ۽ قرض ڏيندڙ ملڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ مدد لاءِ اڳتي اچن.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بيجنگ ۾ نيوز بريفنگ دوران چيو ته ڪجهه اُسريل ملڪن جي سخت پاليسيون پاڪستان سميت گهٽ اُسريل مُلڪن جي مالي ڏکيائين جو سبب آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ سڀني کي گڏيل ڪوشش سان گڏ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










