پاڪستان ۽ طالبان جا هڪٻئي تي حملا، عالمي برادري جو جنگبندي تي زور

پاڪستان ۽ طالبان جا هڪٻئي تي حملا، عالمي برادري جو جنگبندي تي زور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان تي سرحد پار کان “بي سبب فائرنگ” کان پوءِ افغان طالبان خلاف آپريشن غضب للحق شروع ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اونتونيو گوتريس، روس، ايران، سعودي عرب، قطر ۽ ٻين دوست ملڪن ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته حملا بند ڪيا وڃن ۽ ڳالهين ذريعي اختلاف نبيريا وڃن. آهي۔

اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته خميس جي شام افغان طالبان خيبر پختونخواهه جي چترال، خيبر، مهمند، ڪرم ۽ باجوڙ وارن علائقن ۾ سرحد سان لڳ ڪيترن هنڌن تي بنا جواز فائرنگ شروع ڪئي۔
هلندڙ جهيڙن دوران ٻه سيڪيورٽي اهلڪار حياتي وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 133 افغان طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن۔
سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته پاڪستاني هوائي فوج افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ هٿيارن جو هڪ ذخيرو تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔
اهڙيون رپورٽون به آهن ته جيڪي افغان خاندان واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻا هئا، تن کي طورخم سرحد تان واپس خيبر جي لنڊي ڪوٽل ۾ قائم عارضي مرڪز ڏانهن موڪليو ويو آهي۔
آپريشن غضب للحق جي شروعات:
پاڪستان خميس جي رات سرڪاري طور “آپريشن غضب للحق” (سچي ڪاوڙ) شروع ڪيو، جيڪو سندس چوڻ موجب افغان طالبان پاران مختلف سرحدي سيڪٽرن ۾ “بي سبب فائرنگ” جي جواب ۾ ڪيو ويو۔
وسيع پيماني تي سرحدي جهيڙا:
خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ چترال، خيبر، مهمند، ڪرم ۽ باجوڙ شامل آهن، ۾ زبردست ويڙهه جون خبرون مليون۔
طالبان جا وڏا جاني نقصان:
اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ ٻڌايو ته جوابي ڪارروائي دوران 133 افغان طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔
افغان شهرن ۾ هوائي حملا:
پاڪستاني هوائي فوج ڪابل، قنڌار ۽ پڪتيا ۾ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائيندي هوائي حملا ڪيا۔ افغانستان جي طالبان حڪومت انهن حملن جي تصديق ڪئي آهي۔
فوجي ڍانچي جي تباهي:
پاڪستاني سرڪاري ميڊيا موجب حملن ۾ ڪابل ۾ ٻه بريگيڊ هيڊڪوارٽر، قنڌار ۾ هڪ ڪور هيڊڪوارٽر ۽ هٿيارن جو ذخيرو تباهه ڪيو ويو۔ مجموعي طور 27 طالبان چوڪيون تباهه ۽ 9 تي قبضي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي۔
پاڪستاني اهلڪارن جو نقصان:
هلندڙ جهيڙن ۾ ٻه پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن۔
قنڌار مٿان گشت:
حملن کان پوءِ پاڪستاني هوائي فوج جا جهاز قنڌار مٿان گشت ڪندا رهيا ته جيئن وڌيڪ جارحيت کي روڪي سگهجي۔
پاڪستان ۾ سياسي يڪجهتي:
سياسي قيادت، جن ۾ صدر زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سميت مخالف ڌر جا اڳواڻ شامل آهن، فوج جي حمايت ۾ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي علائقائي سالميت تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو۔
ڀارت جي اثر جو الزام:
دفاع واري وزير خواجه آصف طالبان تي الزام لڳايو ته هنن افغانستان کي “ڀارت جي نوآبادي” بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي موڪلڻ لاءِ آلي طور ڪم ڪري رهيا آهن۔
واپسي عمل تي اثر:
جهيڙن سبب طورخم سرحد تي انتظار ڪندڙ افغان خاندانن جي واپسي وارو عمل متاثر ٿيو آهي، ۽ کين لنڊي ڪوٽل ۾ قائم عارضي مرڪز ڏانهن واپس موڪليو ويو آهي، جڏهن ته سرحدي صورتحال اڃا به ڳنڀير آهي۔
27 فيبروري 2026 تي چمن ۾ پاڪستان-افغانستان سرحد تي پاڪستاني فوج جي هڪ ٽينڪ بيٺل نظر آئي، جتي رات دير تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد پار ويڙهه جاري رهي۔
تازو اطلاع
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ-افغان سرحد تي مانو جبه چوڪي کي سخت نقصان پهتو آهي۔ ذريعن ٻڌايو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي فوجي اڏن ۽ تنصيبات کي نشانو بڻائي رهيون آهن۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان سرحدي ٽرمينل چوڪي ۽ ورسڪ سيڪٽر واري چوڪي کي ڳرو نقصان رسيو آهي۔ اڄ صبح جاري ڪيل ڄاڻ موجب پاڪستاني هٿياربند فوجون افغان طالبان جي “بي سبب جارحيت” جو ڀرپور جواب ڏئي رهيون آهن۔
ڏکڻ وزيرستان هيٺئين علائقي جي سرحدي پٽي ۾ افغان طالبان جي جارحيت کان پوءِ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسن سخت جوابي ڪارروائي ڪئي۔
رات ڀر پاڪستان-افغانستان سرحد تي ڳري فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، پر صبح تائين صورتحال ڪجهه حد تائين پرسڪون ٿي وئي۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فوج هم آهنگ ۽ تيز ڪارروائي ڪندي افغانستان جي صوبي پڪتيا ۾ موجود ڪيترين ئي افغان طالبان چوڪين کي نشانو بڻايو۔
اي ايف پي موجب 27 فيبروري 2026 تي چمن ۾ پاڪستان-افغانستان سرحدي لنگهه ڀرسان پاڪستاني فوجي گشت ڪندي نظر آيا، جتي رات ڀر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڙهه جاري رهي۔
گڏيل قومن جي نمائندي جي اپيل
گڏيل قومن جي خاص رپورٽر رچرڊ بينيٽ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران “سڪون ۽ احترام” جي اپيل ڪئي آهي۔
سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪن ٿا ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ، جيڪا افسوسناڪ طور تشدد ۾ تبديل ٿي وئي آهي، هن چيو ته عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون جو احترام ڪيو وڃي، خاص طور تي شهري آبادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن فوري طور ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڏنو۔
بي بي سي جي رپورٽ
افغانستان ۾ طالبان اختيارين جو چوڻ آهي ته هنن اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر وارن سرحدي علائقن ۾ پاڪستاني چوڪين تي جوابي حملا ڪيا آهن۔
طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد بي بي سي کي ٻڌايو ته افغان فوجن 19 پاڪستاني سرحدي چوڪين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني فوجين کي گرفتار ڪيو آهي۔
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته 50 کان وڌيڪ پاڪستاني فوجي مارجي ويا آهن۔ بي بي سي چيو آهي ته انهن انگن اکرن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي۔
ٻئي پاسي پاڪستان جو چوڻ آهي ته هنن افغان طالبان جون 27 سرحدي چوڪيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن ۽ طالبان فورسز کي ڳرو جاني نقصان پهچايو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو