استنبول ڳالهيون، جنگبندي جي خلاف ورزي ڪندڙ ڌر تي ڏنڊ وڌو ويندو

استنبول ڳالهيون، جنگبندي جي خلاف ورزي ڪندڙ ڌر تي ڏنڊ وڌو ويندو

استنبول (ويب ڊيسڪ)ترڪ پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو ته افغانستان ۽ پاڪستان 6 نومبر تي استنبول ۾ امن ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ان وقت تائين جنگ بندي برقرار رکڻ تي متفق ٿيا آهن. سڀني لاڳاپيل ڌرين جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پرڏيهي وزارت جمعي تي هڪ بيان ۾ چيو ته ان جي عمل درآمد جي طريقن جو جائزو ورتو ويندو ۽ آخري فيصلو 6 نومبر 2025 تي استنبول ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، خيال آهي ته 6 نومبر تي ٻنهي ملڪن جي دفاع وارن وزيرن ۾ ملاقات ٿيندي. استنبول ۾ افغان ۽ پاڪستاني عملدارن جي وچ ۾ ڳالهيون گذريل ڇنڇر کان جاري هيون، جن جي وچ ۾ انقره ۽ دوحا هئا، ڳالهين جي آخر ۾ ٻنهي ڌرين ڳالهين کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، افغان عبوري انتظاميا جي ترجمان ذبيح الله مجاهد تصديق ڪئي ۽ چيو ته اسين ٻين پاڙيسري ملڪن جيان پاڪستان سان به عدم مداخلت جا قائل آهيون ۽ برابري جي بنياد تي باهمي احترام چاهيون ٿا. ترڪ وزارت خارجه جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان م ’مانيٽرنگ ۽ ويريفڪيشن مڪينزم‘ تي به اتفاق ڪيو آهي ۽ جنگبندي جي خلاف ورزي ڪندڙ ڌر تي ڏنڊ وڌو ويندو. پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف جيو نيوز جي پروگرام شاهزيب خانزاده سان ڳالهائيندي چيو ته هن کي استنبول ڳالهين ۾ نئين پيش رفت بعد اميد جو ڪرڻو نظر اچي رهيو آهي. اڳ ۾ هن چيو هو ته پاڪستان جنگ لاءِ تيار آهي ۽ افغانستان مان حملا بند نه ٿيا ته اسين سندن ملڪ تي بمباري ڪنداسين. ترڪي ۽ دوحا پڻ نئين پيش رفت تي سرهائي جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو