پاڪستان پائيدار امن ۽ گڏيل احترام لاءِ ڪوششون جاري رکندو

پاڪستان پائيدار امن ۽ گڏيل احترام لاءِ ڪوششون جاري رکندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار امن عمل لاءِ سمورن ڌرين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان پائيدار امن ۽ گڏيل احترام لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايڪس (ٽويٽر) تي چيو آهي ته صدر ٽرمپ پاڪستان سميت مسلم ملڪن جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ قطر جي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته مصر، گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۽ اردن جي قيادت سان پڻ گفتگو ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ جو هي قدم خطي ۾ استحڪام ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي، نائب صدر جي ڊي وينس، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ آمريڪي ٽيم کي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪيون ٿا، صدر ٽرمپ جي قيادت، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي عزم کي ساراهيون ٿا، سندس مسلسل شموليت بامعنيٰ اڳڀرائي ۾ مدد ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان سميت ايراني قيادت جي تعميري ڪردار جا پڻ شڪرگذار آهيون، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر باقر قاليبيف کي پڻ ساراهيون ٿا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرس جا پڻ دل جي گهراين سان ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان انهن سمورن علائقائي ڀائيوارن جا ٿورا مڃون ٿا جن سان 28 فيبروري کان مسلسل رابطي ۾ رهيا آهيون، سعودي عرب، ترڪي، مصر، قطر ۽ ٻين جي سهڪار حتمي نتيجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته امن جي قيام لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بصيرت افروز قيادت ۽ امن لاءِ سندس اڻٽر عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پڻ ساراهيان ٿو، جنهن هن حساس ۽ اهم عمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄوڪي گفتگو ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي. هن اهو به چيو ته مان پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي مستقل سفارتي ڪوششن ۽ سندن مسلسل سهڪار کي پڻ قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پائيدار امن، گڏيل احترام ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ڪيون ويندڙ سمورن مخلصاڻين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو، هنن مذاڪرات جون ڪاميايون ان اميد جو بنياد فراهم ڪن ٿيون ته هڪ هاڪاري ۽ ديرپا نتيجو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر گڏيل خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جي بجاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو