پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو

پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو

واشنگٽن)ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۽ تعاون تي ٻڌل سيڪيورٽي فريم ورڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو.پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري تي آهن، جتي هن آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور تي سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف واشنگٽن ۾ ممتاز عالمن، تجزيه نگارن، پاليسي ماهرن ۽ عالمي ميڊيا تنظيمن جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪيو ويو، جڏهن ته آرمي چيف دهشتگردي تي پاڪستان جي نقطه نظر تي روشني وڌي.آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان مارسس تي پڻ تفصيلي روشني وڌي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي غير معمولي صلاحيتن کي به اجاگر ڪيو ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن کي آئي ٽي، زراعت ۽ معدني وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته ڳالهه ٻولهه دوران ڊگهي عرصي کان هلندڙ پاڪ آمريڪا ڀائيواري جو به جائزو ورتو ويو.فيلڊ مارشل چيو ته ڪجهه علائقائي عنصر دهشتگردي کي هائبرڊ جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن. پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ اڳڀرو رهيو آهي. پاڪستان هڪ محفوظ دنيا لاءِ وڏيون انساني ۽ معاشي قربانيون ڏنيون آهن.آرمي چيف چيو ته پاڪستان علائقائي تڪرار گهٽائڻ ۽ تعاون تي ٻڌل سيڪيورٽي فريم ورڪ کي فروغ ڏيڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو. آءِ ايس پي آر موجب، شرڪت ڪندڙن آرمي چيف جي کليل ذهن واري پيشڪش ۽ سندس خيالن جي وضاحت کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو