پاڪستان جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيان ٿو : وزيرِاعظم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي وفد پاڪستان جي مهمان نوازي جو دل سان اعتراف ڪيو آهي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو وفد آيو هو، هُن ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سمورن عملدارن لاءِ خصوصي اجلاس طلب ڪيو آهي جن ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ محنت ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته وفد جي خاص مهمان جيتري تعريف اوهان جي ڪئي آهي، ان سان منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي.شهباز شريف موجب وفد جو چوڻ هو ته جڏهن ڪالهه اسان جو ڪابينا ميمبرن سان رابطو ٿي رهيو هو ته اوهان جا وزير نه رڳو اتي موجود هئا پر هر قدم تي گائيڊ ڪري رهيا هئا، وفد چيو ته هي اسان لاءِ خوشگوار هيراني هئي، اسان اهڙو تجربو اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺو.وزيراعظم چيو ته وفد ٻڌايو ته اسان وڏي خوشي سان واپس وڃي رهيا آهيون، اسان واپس وڃي رپورٽ ڪنداسين ته اسان پاڪستان ۾ نئون دور ڏٺو آهي ۽ جنهن اعتماد سان اوهان جي ٽيم پريزنٽيشن ڏني آهي، اها حوصلو ڏيندڙ هئي.شهباز شريف ڪابينا ميمبرن کي چيو ته مان اوهان کي مبارڪون ڏيان ٿو، دل جي گهراين سان اوهان جا ٿورا مڃيان ٿو…..

پهنجو تبصرو موڪليو