لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم جو هر رانديگر شينهن ۽ ميچ ونر آهي، اسان سڀني کي چيمپيئنز ٽرافي جي اهم ميچ لاءِ گرين شرٽس جي حمايت ڪرڻ گهرجي.وهاب رياض اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ تي بحث ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم جا تجربيڪار رانديگر ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما پنهنجي ڪيريئر جي هن موڙ تي پنهنجي ٽيم لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيندا.اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته هر رانديگر چاهي ٿو ته سندس ڪيريئر جو سٺو اختتام ٿئي. هي صورتحال ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما لاءِ دٻاءُ واري هوندي، پر اهو به هڪ حقيقت آهي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما دٻاءُ ۾ سٺو کيڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا.هن اهو به چيو ته چيمپئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ ٻنهي ڀارتي رانديگرن جو ڪردار تمام اهم هوندو. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم انهن کي جلد آئوٽ ڪري ٿي ته انهن وٽ ميچ ۾ وڏو موقعو هوندو. منهنجون نيڪ خواهشون ڪپتان محمد رضوان ۽ پاڪستاني ٽيم سان آهن.










