ٽي ٽي پي جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جو اعتراف

ٽي ٽي پي جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جو اعتراف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گرفتار افغان دهشتگردن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان تعلق رکڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.دهشتگرد سيف الله چيو آهي ته 10 مارچ تي اسان مان 11 افغان سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيا، مارجي ويلن ۾ 6 افغاني ۽ 5 پاڪستاني شامل هئا. سيف الله جو چوڻ آهي ته نويد، ياسر ۽ وقار وٽ خودڪش جيڪٽون هيون، جن ۾ ٻه گرنيڊ هئا.گرفتار دهشتگرد چيو ته اسان جو ڪمانڊر بچيو يا مري ويو، مون کي ڪا به خبر ناهي، ان کانپوءِ پاڪ فوج اسان تي ڇاپو هنيو جنهن سبب اسان هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا، 5 ڏينهن کانپوءِ فوج مون کي ڳولي ورتو ۽ گرفتار ڪيو.هڪ ٻئي دهشتگرد شاهه محمود جو چوڻ هو ته مان مولوي محمود الله جي درخواست تي ٽي ٽي پي گروپ ۾ شامل ٿيو، منهنجو ڪمانڊر مفتي نور ولي آهي، مان انس سان ٺاهه ڪرڻ وزيرستان آيو آهيان.شاهه محمود چيو ته اسان 9 ماڻهو هئاسين جيڪي ٺاهه لاءِ آيا هئا، انهن مان 5 افغان طالبان هئا، اسان خوست ذريعي وزيرستان آيا هئاسين، هتي عمر ۽ خالد سان ملاقات ڪئي.دهشتگرد شاهه محمود جو اهو به چوڻ آهي ته اسان ڪرڪ گيس پلانٽ تي حملو ڪيو جنهن ۾ 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا، هتان مان ڪلاشنڪوف، 4 فون ۽ 2 يونيفارم هٿ ڪري واپس افغانستان ويس،

پهنجو تبصرو موڪليو