ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
الله اڪبر هي پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ، ڪهڙو ادارو آهي جنهن مٿان ڪرپشن جا الزام ناهين ، پر رياست پاڪستان جنهن ۾ ڪيترائي اداره ڪم ڪن پيا هر اداري جي پنهنجي ساک اهميت آهي ، ڪيترائي اهرا به اداره اهن جنهن ۾ گذريل ڪافي سالن کان وٺي سياسي مداخلت پڻ ادارن کي خراب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي اداره اچي وڃن ٿا پر جهڙي ريت پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ اف پاڪستان ڪم ڪري رهي آهي يا جهڙي ريت ٻيون عدالت سڳوريون آئين قانون گواهان ، پڪن ثبوتن کي مدي نظر رکندي ڪم ڪري رهيا آهن اها هڪ وڏي تاريخ آهي پر سياستدان جن کي جيڪڏهن اين آر او قومي مفاهمتي آرڊيننس تحت ڪا رعايت ملي ته هو تعريف ڪندا پر جيڪڏهن ڪرپشن ، مني لانڊرنگ هجي ، جعلي بينڪ اڪائونٽس هجن اثاثه لڪائڻ جي ڳالهه هجي ڪو فيصلو سيادتدانن جي خلاف اچي ويو ته بس ڊوڙي ميڊِا اڳيان اچي جج صاحبان مٿان تنقيد ڪندا جيڪي آئين کان واقف ئي نه هوندا برحال هن پاڪستان م جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي ، جڏهن ته ايف آئي اي جي ڳالهه ڪيون ته بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي قانون آئين کي مدي نظر رکندي پاڪستان جي بقا سالميت لاء ڪم پيا ڪن ، جڏهن ته پاڪ فوج جيڪا ملڪ جي هر سرحدن تي ملڪ دشمن قوتن خلاف بهترين ڪم ڪن پيا پنهنجي جانين کي قربان ڪري هن ملڪ جي جهنڊي کي بلند رکيو ويٺا آهن ،پر پوء به انهن ادارن مٿان تنقيد ٿي رهي آهي پاڪستان جي هر شهري کي اهو حق آهي ته هو پاڪستان جي ادارن جو احترام ڪري ، انهن جي هر قسم جي سپورٽ ڪري ، پر پاڪستان اندر ملڪ دشمن پاليسن تي عمل ٿي رهيو آهي ، جڏهن ته ڀارت پاڪستان اندر خاص ڪراچي ۽ بلوچستان اندر اهرن نوجوانن کي جيڪي رياست مان مايوس آهن ا نهن جي مالي مدد ڪن ٿا انهن کي ٽريننگ ڏين ٿا ، انهن کي پاڪستان اندر حالات خراب ڪرڻ لاء اڪسائين ٿا ، جڏهن ته پاڪستان ۾ هر اداري م ڪرپشن جي بازار گرم آهي ، سياستدانن مٿان عوام جو اعتماد ختم آهي ، برحال مان سمجهان ٿو ته هن وقت کربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي ، جڏهن ته هن وقت نيب ، ايف آئي اي ، سميت ٻيا اداره به ڪرپشن جي خاتمي لاء ڪم ڪن پيا ، جڏهن ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان ٽئڪس چورن کي نه ڇڏينداسين، ايف بي آر ٽيم ۾ جون 2022 تائين ڪنهن به تبديلي جو امڪان ناهي، اسسٽنٽ ڪمشنر ايف بي آر کان گرفتاري جا اختيار واپس ورتا ويا آهن، ڊپ آهي ته ايف بي آر ٽئڪس نه ڏيندڙن سان ڊيل نه ڪري ڇڏي، شوڪت ترين چيو ته مخالف ڌر سان چارٽر آف ايڪانامي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، وفاق صوبن ۾ رينجرز جي مقرري، سيڪيورٽي، صحت تي جي معاملن تي خرچ برداشت ڪري رهيو آهي، ناڻي جي وزير چيو ته پهرين جولاءِ کان ٽئڪس قدمن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو، بجيٽ ۾ ڪنهن به ٽئڪس چور کي نه ڇڏينداسين، ماضي ۾ ٽئڪس چور ٽئڪس نوٽيس نظرانداز ڪري ڇڏيندا هئا، هاڻ ايف بي آر جا نوٽيس نظرانداز ڪندڙن کي نقصان ٿيندو، نئين بجيٽ ۾ ٽئڪس چور لاءِ ڪابه رعايت ناهي. اسان کي 72 لک ٽئڪس چورن بابت ڄاڻ ملي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو ڄاڻي واڻي ٽيڪس ڊيفالٽ ڪندا انهن کي گرفتار ڪنداسين، ان گرفتاري جي منظوري جو اختيار ناڻي واري وزارت ۽ چيئرمين ايف بي آر وٽ رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي واري وزير شوڪت ترين فيض الله ڪموڪا جي صدارت هيٺ ٿيل ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته 7.2 ملين ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي ۽ انهيءَ ڊيٽا جي بنياد تي ٽيڪس نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته اسان ٽيڪس نوٽيس ٿرڊ پارٽي جي ذريعي موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪندي، جڏهن ته 100 سيڪڙو آڊٽ نه ڪيو ويندو. شوڪت ترين چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون جاري آهن، عالمي مالياتي اداري 150 ارب رپين جا ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ جو چيو آهي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 95 پيسا وڌائڻ جو چيو آهي. شوڪت ترين ڪميٽي کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف کي چيو سرڪلر ڊيٽ ۾ واڌ بيهي ويندي، روينيو ۾ واڌ ٿيندي. پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف لاڳاپن بابت ناڻي واري وزير ٻڌايو ته عالمي مالياتي اداري سان لاڳاپا بهتر آهن، آءِ ايم ايف سيپٽمبر ۾ ڇهون ۽ ستون جائزو گڏ وٺندي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته 2.5 ارب ڊالرز جا يورو بانڊز جاري ڪيا ويندا، جڏهن سڪن وارا بانڊ، گرين بانڊز ۽ پانڊا بانڊز به جاري ڪيا ويندا. ملڪ ۾ ٽيڪس چوري تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته جيڪي ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ نٿا اچڻ چاهين انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. برحال مان عرض ڪيان ته مان محسوس ڪيان ٿو ته ڪجهه ته پاڪستان ۾ٿيڻ وارو آهي ، جنهن طرح سان نيب چيئرمين جايد اقبال اهم ميٽنگس ڪري ڪافي سياستدانن جي خلاف انڪوائريز جي اجازت ڏني آهي ، جنهن م ساهم شخصيتون شامل آهن ، ۽ هن وقت ڊي جي ، ايف ائي اي ثناء الله عباسي جنهن جو پڻ بهترين ڪردار رهيو اهي جتي به رهيو بهترين ڪم ڪيو پاڪستان جي ساليمت کي هر حال م برقار رکيو هڪ اصول پرست انسان آهي مان سمجهان ٿو ته ايف آئي اي به پاڪستان جي بقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ، برحال ايف آئي اي بهترين ڪم پئي ڪري بهترين ٽيم ساڻس گڏ آهي ، جڏهن ته ايف بي آر پاران انهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ٿيڻ واري آهي جنهن م اڪفي گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون ، مان سمجهان ٿو ته جهڙي ريت ڪپتان ، نئين حڪمت عملي جوڙي ڪم پيو ڪري ائين ڪڏهن ته مان ناهي ڏٺو، برحال جڏهن سنڌ جي ناليواري انساني حقن جي تنطيم هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ جي صوبائي صدر ققير محمد عباسي ، قومي امن مشن جي انور ناريجو سٽي پريس ڪلب جي صحافين ديدار حسين عباسي ، منظور انصاري ، اسد وساڻ ، نجيب علي جوڻو ڪريم ڏنو سهتو سماجي رهنما ڀورو شيخ غضنفر عرف جگنو راجا عباسي ، پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪپتان هڪ وڏو رانديگر ڪامياب ڪپتان ۽ بهترين وزيراعظم آهي ،جنهن ڪرپشن ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي آهي ۽ جنهن جنهن مٿان ڪرپشن جا الزام آهن انهن خلاف به قانوني ڪاروائي ٿيندي ، جنهن بعد عوام به خوش آهي ، ادارن کي به سگهه ملي آهي ، جڏهن ته ڪرپشن سخت کان سخت ايڪشن به ٿيڻ وارو آهي ، برحال مان سمجهان ٿو ته ڪپتان جلد عوام کي رليف به ڏيندو ۽ ڪرپشن ڪندڙ ڀلي اسلام آباد هجي ڪراچي هجي لاهور هجي ، ڪوئيٽه هجي يا ننڊن سهرن ۾ سيٺارجه هجي ، هنگورجه هجي يا سوڀوديرو هجي يا راڻيپور ڪو به غلط فهمي ۾ نه رهي ته جنهن به جتي به جيتري به ڪرپشن ڪئي آهي انهن جي پڪڙ ٿيندي ۽ لٽيل دولت به واپس ڪرائي ويندي ، هن وقت تائين ڪپتان پاران ڪيل فيصلن حڪمت عملي مان عوام خوش آهي zawarshah110@yahoo.com










