ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت سيلز ٽيڪس ريفنڊ ڪيس ۾ ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار شاهد اقبال ۽ محمد صابر کي 10-10 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ 97 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جوابدار سڳا ڀائر آهن. جڏهن ته عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ ايف بي آر ملازمن شاهد شميم ۽ شميم اختر کي 5-5 سال قيد ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه نيب پاران داخل ڪيل سيلز ٽيڪس ريفنڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جوابدارن ايف بي آر جي ملازمن جي مدد سان جعلي ٽيڪس ريفنڊ تحت قومي خزاني کي 11 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان پهچايو ويو آهي.










