ٽيچرس ڪالونيءَ جي ڀينگ  ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي

ٽيچرس ڪالونيءَ جي ڀينگ ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي

عقيل عباسي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀالڻ بعد هڪ نعرو ڏنو هيو جنهن ۾ هن چيو هيو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان هر پاڪستاني کي ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪي ڏيڻ لاءِ مان ڪوشش ڪندو رهندس ۽ واقعي شهيد ڀٽو پنهنجي واعدي تي قائم رهندي انهيءَ نعري کي عملي جامو پهرايو، هن موجودهه مهانگائيءَ واري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو گهر تعمير ڪرائڻ جو مسئلو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي ممتاز ڪالوني ۽ ڀينس ڪالوني روڊ، جنهن کي ڏکڻ طرف کان مشوري درگاهه روڊ ۽ ٻئي پاسي کان جيڪڏهن ريلوي بند رستو مليل هجي ته موئن جو دڙو ايئرپورٽ قائد عوام يونيورسٽي روڊ سان هيءُ يارهن سئو ڇاهٺ پرائمري، سيڪنڊري، سپروائيزرن سميت ٻين ٽيچنگ اسٽاف سان وابسته ميمبرن تي مشتمل “ ٽيچرس ڪالونيءَ” جي نالي سان 1996ع ۾ وجود ۾ آئي، هن ڪالوني ۾ لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي مختلف تعلقن سان تعلق رکندڙ ٽيچنگ اسٽاف کي پلاٽ ڏن ويا، جنهن ۾ تعليم کاتيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن پهريان انهيءَ سستائپ واري دور ۾ هڪ هڪ هزار رپيا قسط ڏيندا رهيا ۽ اهڙي طرح ڏهه هزار ڏيڻ بعد هڪ نادر شاهي حڪم نامو جاري ڪيو ويو ته پندرهن سئو رپيا رجسٽري جا ڏيو جيئن پلاٽ توهان جي نالي تي ڪرائي سگهجي، هيءُ پلاٽ هڪ سئو چوڏهن جريب تي مشتمل هيو، جنهن ۾ هرهڪ استاد پندرهن سئو فوٽ يا وڌ ۾ وڌ ٽي هزار فوٽ پلاٽ خريد ڪري سگهي ٿو، يعني هڪ استاد ٻه پلاٽ خريد ڪري سگهي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ آئين قانون ضابطا اخلاق جوڙيو ويو جنهن ۾ انهيءَ ڳالهه جي  واضع ۽ چٽي وضاحت ڪئي وئي ته هن ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ استاد کان بغير ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي ڪو به پلاٽ نه ڏنو ويندو، پرائمري ، سيڪنڊري، سپروائيزر معنيٰ جيڪو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان لاڳاپيل هوندو انهيءَ کي ئي ٽيچرز ڪالونيءَ ۾ پلاٽ خريد ڪري گهر ٺهرائڻ جو پورو پورو حق آهي، جنهن پلاٽ کي ٽيچرس ڪالونيءَ جي نالي ۾ خريد ڪيو ۽ وڪرو ڪرڻ جو به حق صرف استاد کي ئي آهي پر بدقسمتيءَ سان هن ٽيچرس ڪالونيءَ جي رجسٽرڊ ڪرائڻ ۾ صرف فرد واحد انهي وقت جي پ ٽ الف ضلع لاڙڪاڻو جي صدر لياقت علي ديدڙ مرحوم جي نالي تي هڪ سئو چوڏهن جريب رجسٽرڊ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ٽيچرس هائوسنگ سوسائٽيءَ جي استادن جي مليل پئسن مان پهرين ڊائريڪٽر کي ٽن لکن جي ڪرپشن واري الزام ۾ هٽايو ويو ۽ اهڙي طرح هن پوري 1166 ٽيچرس ڪالونيءَ مٿان هڪ فرد واحد نالو ويهارڻ خاطر استادن جي قبرستان لاءِ خريد ڪيل پلاٽ به وڪرو ڪري ڇڏيا ۽ ڪالونيءَ جي چيئرمين ديدڙ هڪ من پسند سنگتي ضياءُ الحق عرف شوڪت پيرزادو کي هڪ ئي وقت ٽي جريب پلاٽ وڪرو ڪري ڏنا ويا جنهن کانپوءِ هڪ سئو يارهن جريب پلاٽ وڃي بچيو انهيءَ ڪالونيءَ کي هروڀرو جي دڪانداريءَ هلائيندي استادن کي ڪي به سهولتون نه ڏنيون ويون باقي 1166 ميمبرن کان هر مهيني هڪ سئو رپيا خالي پلاٽن جي مد ۾ گذريل 26 سالن کان ڪروڙين رپيا فراڊ ۽ جعل سازي ڪندي چوڪيداريءَ جي نالي ۾ ورتا ويا، ڊولپمينٽ چارجز ۾ 30 ، 30 هزار ورتا ويا اهڙي طرح هن لاڙڪاڻي جي ٽيچرس ڪالونيءَ کي سوني مرغي سمجهي اهڙي طرح تعليم کاتي سان لاڳاپيل باشعور استادن کي پنهنجائپ جي نالي ۾ پنهنجي تنظيم پ ٽ الف جي نالي لٽيو ڦريو ويو، انهن خلاف ڪو به استاد جيڪڏهن آواز اٿاري پيو ته انهن خلاف ڪوڙا، من گهڙت ۽ بي بنياد الزام هڻي انهن کي ويهاريو ويو، انهن کي ڏورانهن علائقن ۾ بدلي ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، هن عمل ۾ سابقه پ ٽ الف لاڙڪاڻو جا سرگرم عهديدار رهيا، انهن 26 سال تاريخ ۾ ڪڏهن به باضابطا طور تي اليڪشن نه ڪرائي سدائين رسمي طور تي ڪوڙا سوڙا انگ اکر پڌرا ڪندي خانه پوري ڪري استادن سان گذريل 26 سالن کان مسلسل ويساهه گهاتي ڪئي وئي، جن استادن پنهنجي گهر ٺاهڻ لاءِ ارمان سجايا هيا انهن جا ارمان اڌورا رهجي ويا ۽ اهڙي طرح  يارهن سئو ڇاهٺ استادن مان تقريبن ٻه سئو استاد هيءُ جهان ئي ڇڏي هليا ويا پر انهن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪيل پلاٽ ۽ اتي گهر ٺاهڻ لاءِ موقعو فراهم نه ڪيو ويو، اهڙي سڪتي واري صورتحال ۽ نٺر پيدا ٿيل خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ مانجهي مڙس جي ضرورت هئي جيڪو استادن جي ماڳ مڪان لاءِ منزل مقصد حاصل ڪري سگهي، جنهن لاءِ استادن جي ڀرجهلي عظيم شخصيت سيد رضا علي شاهه جنهن پنهنجي پوري زندگي استادن جي تنظيم پ ٽ الف کي نيڪ نيتي، بي لوث ۽ بي خوف طور ارپيا پر پوري زندگيءَ ۾ پنهنجو گهر به نه ٺهرائي سگهيو ۽ پنهنجي ڀائيٽي جي صحت کاتي ۾ مليل ڪوارٽر ۾ زندگي جا ڏهاڙا گذاري رهيو آهي، انهيءَ پوري تنظيم ڪاري جي وڏن وڏن عهدن تي رهندي ڪو به بئنڪ بئلنس، ڪار، موٽر سائيڪل ته ڇا پر سائيڪل به نه خريد ڪري سگهيو ۽ اڄ به فخر سان چنگچي رڪشا ۾ سفر ڪري استادن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ميدان عمل اڳيان بيٺو نظر اچي ٿو، انهيءَ ٽيچرس ڪالونيءَ جي پوري ڪرپشن جي وايو منڊل کي ٽوڙي نين چونڊن ۾ چيئرمين شپ لاءِ بيٺو جنهن تي پراڻن پنجاهن ۾ ڦڙڦوٽ واويلا پئجي وئي ۽ انهن کي هڪ صديءَ جي چوٿين حصي جي برابر ڪيل گند سان ڀريل ايام ڪاري جي نظر ۾ اچڻ لڳي جنهن ۾ انهن ٽيچرس ڪالونيءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائيندي استادن جي کيسن ۾ بري نظر وجهندي جهڙي طرح لوٽمار ڪئي انهي جو پوري استادن جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، وڏا وڏا ڪرپشن جا سياسي کلاڙي ٻڌاسين پر لاڙڪاڻي شهر جي ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ گذريل 26 سالن جيڪي قابض رهيا انهن ته ٻنهي هٿن سان جيڪا ميڙ مڙان ڪري استادن کي گهرن ٺاهڻ بجاءِ بي گهر ڪيو ويو، مسلسل استاد مهانگائي جي دور ۾ مسواڙ رينٽ جي گهرن ۾ رهي رهي ٿڪجي پيا پلاٽ نالي تي ڪرائن لاءِ ايلاز منٿون ڪندا رهيا پر انهن اصلي مالڪن استادن جيڪي بنيادي 1996ع کان ميمبر هيا تن کي پلاٽ پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ نه ٿيڻ ڪري اهي هڪ وڏي عتاب ،عذاب ۽ شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهيا، ايڏي وڏي عرصي دوران انهيءَ ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ڪار نه ڪرايا ويا، جنهن ۾ ڪو به پڪو روڊ رستو، ڊرينيج سسٽم ناليون وغيرهه، بجلي، سوئي گيس سميت ڪي به بنيادي سهولتون مهيا نه ڪيون ويون باقي نوان نوان نادر شاهي حڪم ناما نون نون سيکڙاٽن جا جاري ٿيندا رهيا، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي مختلف تعلقن جهڙوڪ لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي ۽  ڏوڪري تعلقا ۽ ميروخان، وارهه، قمبر شهدادڪوٽ، نصيرآباد سميت ٻين شهرن جي استاد برادريءَ ۾ نئين ٽيچرس ڪالوني جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل ڀٽائي پئنل جي چيئرمين سيد رضا علي شاهه، وائيس چيئرمين احمد نور ناريجو ۽ ستن ڊائريڪٽرس ۾ سيد عابد علي شاهه، محمد شريف سولنگي، انعام علي سمون، محب علي چانڊيو، اختر حسين ڌامراهه، آپا شمس النساءَ شيخ ۽ آپا فرزانه کوکر شامل آهن انهن مان سوين استادن جي هزارين فردن تي مشتمل ڪٽنب خاندان فيمليز پر اميد آهن ته انشاءَ الله چونڊجي آيل نوان عهديدار پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي ٽيچرس ڪالونيءَ کي سونهن ، خوبصورتي ۽ بيوٽيفڪشن جو ڏيک ڏيارڻ ۾ ڪوشش ڪندا ، جيئن پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ “ استاد ” به هن مهانگائيءَ جي دور ۾ مسواڙن مان جند ڇڏائي پنهنجي گهر وارا بڻجي سگهن. جڏهن ته مسلسل استادن جي ٽيچرس ڪالونيءَ  جي نالي ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو ڪڙو احتساب ڪيو وڃي ۽ مسلسل لوٽمار ڪندڙن جو نيب، اينٽي ڪرپشن، احتساب ڪميشن سميت ٻيا انصاف ڏياريندڙ ادارا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيچرس ڪالونيءَجي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کان حساب ڪتاب ڪندي 1166 خاندانن سان ڪيل 26 سالا لوٽمار جو سخت ۽ ڪڙو احتساب ڪري انصاف ڏياريو وڃي.اهو لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي استادن ۽ انهن جي خاندانن جو خواب آهي ته اسان پنهنجي گهر ۾ رهي سگهون پر ڪجهه بنيادي ضرورتون ته ڏنيون وڃن جنهن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي اپيل آهي ته بجلي، سوئي گيس، روڊ رستا ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون ڏيئي هزارين استادن جي خاندان جي فردن مان پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.         

پهنجو تبصرو موڪليو