ٽرڪ جا بريڪ فيل نوجوان چيڀاٽجي فوت

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)کاڻوٺ  ڀرسان لاکڙا لنڪ روڊ تي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ جو بريڪ فيل ٿيڻ سبب سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ کاڻوٺ واسي 35  ورهين جو نوجوان  پورهيت واحد بخش ڪوريجو  ولد غلام محمد ڪوريجو  چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ڪلٽي ٽرڪ جو ڊرائيور ذوالفقار کوسو وسيم کوسو پڻ زخمي ٿي پيا انڊس ڪول پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ته فوتي جي لاش جي مانجهند تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙھ کي ڳوٺ ڪوريچا لڳ کاڻوٺ کڻائي پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي ڪيبن کولڻ لاء کاڻوٺ کان انڊس ڪمپني وڃي رهيو هو ته ٽرڪ  سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو پيش آيو فوتي کي 2 نياڻيون ۽ ٻن پٽن جو اولاد پڻ آھي  انڊس پوليس ٿاڻي تي  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو