ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيل وزير مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ادا

ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيل وزير مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ادا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيل مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشکور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنازي نماز جي امامت مولانا فضل الرحمان ڪئي، جنهن ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي، يوسف رضا گيلاني، طارق فضل چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته مفتي عبدالشکور ڪار هلائيندي سيڪريٽريٽ چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته ٻئي طرف کان ايندڙ ڊبل ڪيبن ڪار سندس ڪار سان ٽڪرائجي وئي، ڊبل ڪيبن ڪار ۾ سوار سمورن 5 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. غفلت جي نتيجي ۾ خانگي ڪمپني جي ڊبل ڪيبن گاڏي به ضبط ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو