تحريرعبدالمجيد بروھي
پاڪستان جي وفاقي حڪومت پاران پنھنجي حڪومت جي پھرين ڏينھن کان اڄ تائين پنھنجي ھر ناڪامي کي گذريل حڪومتن ۽ اپوزيشن جي کاتي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي وزيراعظم کان ويندي سندس ھر درٻاري وزير۽ سندن جا درٻاري اردوميڊيا جي ڪجھ اينڪرپرسن سندن جي ناڪامي کي اپوزيشن جي کاتي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھي پر اڄ ٽرانسپريسي انٽرنيشنل کين آئينو ڏيکاري ڇڏيو آھي سندن جي ان سڄي ڪوڙکي دنيا آڏو آڻي ڇڏيو آھي ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل پاران 2019 جي ڀيٽ ۾ سال 2020 ۾ ڪرپشن پاڪستان اندر چار کان پنج پرفيصد وڌي آھي ڪرپشن ڪرپشن جو راڳ ڳائيندڙن جي حڪومت ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين وڌيل آھي اڄ پوري دنيا آڏو ھنن حاجي جو چھرو وائکو ٿي چڪو آھي ھاڻي ھي ڪھڙي منھن سان عوام کي اھو چوندا تـه گذريل حڪومت جي ڪري سڀ ڪجھ وڌيل آھي ڪرپشن تـه ھنن جي حڪومت ۾ وڌيل آھي صرف ڪرپشن نـ پر مھانگائي پڻ عروج تي پھتل آھي پيٽرول جي قيمتن کي پنجاھ روپين تائين گھٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندڙ اڄ ڪلھ ھر پندرنھين ڏينھن ۾ پيٽرول جي قيمتن کي وڌائيندا رھن ٿا ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ پڻ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آھي حڪومت جي نااھلي ۽ عوام دشمني جي ڪري مھانگائي عروج تي پھتل آھي ھر شئي چا اگھ چوٽ چڙھيل آھن پاڪستان ۾ ھن وقت وچولي طبقي جو حال ابتر آھي ايئن کڻي چئجي تھ وچولي طبقي کي ئي ھنن حڪمرانن ختم ڪري چڏيو آھي هينئر پاڪستان ۾ امير ۽ انتھائي غريب ماڻهون ئي وڃي بچيا آھن ھن وقت تائين حڪمرانن پاران صرف ٻاهرين ملڪن کان قرض وٺي پنھنجا پیٽ ڀريا آھن تھ انھن جي نا اھلي ۽ اڻ تجربيڪاري جي ڪري انھن جي ھٿن مان سڀ ڪجھ نڪري چڪو آھي ھڪ طرف ھن ملڪ جي عوام کي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڏسيل حڪمن تحت ھي ھلائي رهيا آھن جنھن تحت صرف اميرن کي ئي ھي حڪمران فائدو ڏئي رهيا آھن باقي غريب ماڻهون ٻن ويلهن جي ماني کائڻ بجاء ھڪ ويلهي جي ماني لا ء بھ پريشان آھن ڪيترا غريب اھڙا بـه آھن جيڪي ويچارا ڪڏنھن تـ بغير ماني کائڻ جي ئي رات جاڳي گذارن ٿا ۽ صرف پاڻي ۽ سڪل ماني تي گزارو ڪن ٿا ھن ملڪ جي عوام کي ھي نااھل حڪمرانن انتھائي ڏکي دور ۾ پھچائي ڇڏيو آھي ھي جڏنھن کان حڪومت ۾ آيا آھن ان ڏينھن کان اڄ تائين ملڪ جي عوام لاء ڪجھ بھ ناھن ڪريو۽ نهـ ئي ڪو عوامي پروگرام ھن ملڪ جي عوام کي ڏئي سگھيا آھن نھ ئي ھن وقت تائين ڪو ترقياتي پروجيڪٽ ڏئي سگهيا مثال جي طور تي ان شاندار روڊ جنھن کي نواز ليگ حڪومت پاران يورپ سطح تي ڊزائينن ڪري پنھنجي حڪومت ۾ ٺھرائڻ شروع ڪيو سکر ۽ ملتان موٽر وي ن ليگ حڪومت ٺھرايو هو پر اھو انھن جي دور حڪومت ۾ مڪمل نـ ٿي سگھيو تـ ھي ھمراھ امپائر جي مدد سان حڪومت ۾ اچي ويو ۽ اچڻ سان ئي ان سکر ملتان موٽر وي تي پنھنجي نالي جي تختي ھڻي روڊ جو افتتاح ڪیو ان کان پوء اورینج لائين جنھن خلاف ھي ھمراھھ عدالت ۾ پڻ ويو هو پر جڏنھن شھباز شريف جي حڪومت ختم ٿي تـ ھن ھمراھ ان ٺهيل ڪم کي پنھنجو ڄاڻائي انجو بـ افتتاح ڪيائون ان کان پوء ھنن کي ٻيو عوامي پروگرام ٺاھڻ پري جي ڳالھ آھي پر پ پ پ جي عوامي حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي بلائي واري پروگرام جنھن پوري دنيا ۾ مڃتا ماٹی بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام تي نظر وڌي ۽ انجو نالو تبدیل ڪري ان کي ٻيو نالو ڏئي ان پروگرام تي پنھنجي تصوير هڻي تھ ھن وڏو ڪم ڪيو آھي ان بعد جڏھن ان عوامي اڳواڻ دنيا جي مڃيل اڳواڻ ليڊر شهيد جمھوريت جي تصويرهٽائي صوبن ۾ افتتاح ڪرڻ ويوتھ اتي جيڪا حالت ھن سان انھن عورتن ڪئي ته گذريل ڪيترن سالن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسا وٺي رهيون هيون انھن انجي آڏو ئي ان کي چيو تـ ھي بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا اسان کي اسانجي ڀيڻ طرفان ملي رهياآھن تون ڪٿان آيو آهين چوڻ جو مقصد صرف اھوآھي تـ ھن وقت تائين ھن عوام لاء ڪجھ بھ ناھي ڪيو صرف ڪوڙا واعدا ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ کانسواء ڪجهه به نه ڪيو آهي ھن وقت ڪڻڪ جي اٽي جو في مڻ 24 کان 25 سئوروپيا آھي چانور کائڻ غريب جي وس جي ڳالھھ ناھي رھي ھن وقت حڪمرانن صرف اپوزيشن خلاف ڏينهن رات پريس ڪانفرنسز ڪرڻ ۾ پورا آھن اھي اگرايترا پروگرام ۽ پنھنجي ايتري انرجي غريب عوام جي فلاح لاء استعمال ڪن ھا تـ شايد کين ڪو رستو ملي بـ وچي ھا تـ غريبن کي رليف ڪيئن ڏجي لاء ڪو پروگرام آٹڻ بجاء حڪومت صرف بيان بازي تي گذارو ڪري رھي آھي اڄ انھن جي منھن تي جيڪي ڏينھن رات اپوزيشن وارن کي ڪرپٽ ڪرپٽ چور چور چوندا آيا آھن انھن جي منھن تي اڄ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي تازا ترين رپورٽ چماٽ وھائي ڪڍي آھي کين ڪرپٽ ترين حڪومت جو خطاب ٽرانسپرينسي انٽرنيشل پاران قرار ڏنو ويو آھي ھاڻي تـ ھي سرٽيفائيفائيڊ ڪرپٽ قرار ڏنل آھن ھاڻي ھي ڪھڙي منھن سان مخالفن کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا ھاڻي تـ نيب وارن کي بـ اک پٽڻ گھرجي صرف اپوزيشن خلاف ريفرينسز تيار ڪندڙن کي ھاڻي ھن ڪرپٽ قرار ڏنل حڪمرانن خلاف ايفرينسز آڻي کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ھنن حڪمرانن کي گھر موڪلڻ سان ئي عوام کي سڪون ملندو باقي اگر ھي وڌيڪ اسان مٿان مسلط رهيا تـ پوء پاڪستان جي عوام تـ ڇا پر پاڪستان جو ئي الله واھي آھي










