لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو آخري ۽ فيصلائتو ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. بابر اعظم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورز ۾ 209 رنز ٺاهي پاڪستان کي فائنل کٽڻ لاءِ 210 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ڊيوڊ ملن ٽن ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 78 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن تي هيري بروڪ 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 29 بالن تي 46 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پهرين اوور ۾ بابر اعظم 4 بالن تي 4 رنز اسڪور ڪري ڪرس ووڪس جي بال تي ٻاراڻي شاٽ کيڏي بروڪ هٿان ڪيچ ٿيو. ٻئي اوور ۾ ريس ٽوپلي ان سئنگ بال تي رضوان کي بولڊ ڪيو ۽ هو 4 بالن تي هڪ رن ٺاهي سگهيو. شان مسعود ۽ افتخار ڪيريز تي موجود هو. چوٿين اوور ۾ ديوڊ ولي پنهنجي بال تي افتخار جو آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو. 4 اوورز جي پڄاڻي تي پاڪستن ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 22 اسڪور هو. ڇهين اوور ۾ 33 جي مجموعي اسڪور تي افتخار احمد 16 بالن تي 19 رنز ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي فل سالٽ هٿان ڪيچ ٿيو، 13 هين اوور ۾ خوشدل شاهه به 25 بالن تي 27 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، آصف علي به ٻوٽو نه ٻاريو 9 بالن تي 7 رن ٺاهي ڪيچ ٿيو. گيم پاڪستان جي هٿان نڪري چڪي هئي. 18 هين اوور ۾ سيم ڪرن جي بال تي شان مسعود ففٽي مڪمل ڪئي ۽ محمد نواز ڪرس ووڪس هٿان ڪيچ ٿيو.19هين اوور جي آخري بال تي ڪرس ووڪس کي ٽئين وڪيٽ ملي عادل رشيد شان مسعود جو ڪيچ پڪڙيو، هو هڪ ڇڪي 4 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 56 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. آخري اوور جي پهرين بال تي ڊيوڊ ولي محمد وسيم کي بولڊڪيو، پاڪستان 67 رنز تان ميچ هارائي. 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 142 رنز اسڪور ڪري سگهيو. پاڪستاني ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن. انگلينڊ جي اوپنرز حسب روايت جارحاڻي انداز ۾ اننگ شروع ڪئي پر حسنين پنجين اوور ۾ ايلڪس هيلز کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن ٽن چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 18 رنز ٺاهيون ۽ 39 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان کي پهرين وڪيٽ ملي.
That's the end of the powerplay! England are 57/2 after six overs #PAKvENG
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) October 2, 2022
جنهن بعد ڊيوڊ ملن آيو ته ساڳئي اوور ۾ شاداب خان جي شاندار ڊائريڪٽ ٿرو تي فل سالٽ به ٽن چوڪن جي مدد سان 12 بالن تي 20 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي پويلين موٽيو. جنهن بعد ڊيوڊ ملن ۽ بين ڊڪٽ زبردست شاٽس کيڏيا ٻنهي هڪ هڪ ڇڪو ۽ ٽن ٽن چوڪن جي مدد سان ٽيم جي سينچري مڪمل ڪئي ته افتخار احمد خطرو بڻيل بين ڊڪٽ کي 30 جي اسڪور تي رضوان هٿان کيس رن آئوٽ ڪرايو ۽ انگلينڊ جا ٽي ٽاپ آرڊر بيٽسمين ڏهين اوور ۾ آئوٽ ٿي چڪا هئا. هيري بروڪ ملن جو ساٿ ڏيڻ آيو، ٻنهي جي پارٽنر شپ جي ففٽي مڪمل ڪئي سورهين اوور ۾ بابر اعظم حارث جي بال تي آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو هي سندس ٻيو ڪيچ ڊراپ هو، انگلينڊ 150 کان مٿي چڙهي هلي. 17 هين اوور ۾ ڊيوڊ ملن 34 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 18 هين اوور ۾ ڊيوڊ ملن کي حسنين جو بال ٻانهن ۾ لڳي سيني تي لڳو ته هو ڪري پيو جنهن بعد کيس چوڪو ۽ ڇڪو هنيو ۽ 18 هين اوور جي خاتمي تي انگلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي182 رنز اسڪور ڪري چڪي هئي. 19 هين اوور جي پهرين بال تي محمد وسيم ملن جوڪيچ ڊراپ ڪيو. حارث جي اڳئين بال تي پاڪستان ايل بي ڊبليو جو رويو ورتو جيڪو رد ٿي ويو، آخري اوور محمد وسيم ڪرايو پهرين بال تي ملن کيس ڇڪو هنيوٻئي بال تي کيس چوڪو لڳو، جنهن بعد ملن سنگل وٺي ٽيم جي ڊبل سينچري مڪمل ڪرائي. هيري بروڪ کيس ڇڪو هڻي 62 بالن تي سينچري جي پارٽنرشپ مڪمل ڪئي. محمد وسيم 4 اوورز ۾ 61 رنز، شاداب 3 اوورز ۾ 39، افتخار 34، حسنين 32 ۽ حارث 24 رنز ڏنيون.
https://twitter.com/ESPNcricinfo/status/1576575098403934210










