ٻٻرن کان ٻير گهرڻ واري عمران خان جي خواهش

ٻٻرن کان ٻير گهرڻ واري عمران خان جي خواهش

ليکڪ محمد خالد ميمڻ
گذريل ڏينهن اپوزيشن سنڌ هائوس ۾ جيڪا ميٽنگ ڪئي ان ۾ 196 ايم اين ايز شرڪت ڪئي جن ۾ پي ٽي آءِ جا 22 منحرف ميمبر به شامل هئا. ايم ڪيو ايم جي عدم اعتماد جي حمايت واري اعلان کانپوءِ عمران خان جي هاڻي تر جيتري بچي پر هو اڃا به هڪ خط جي آسري آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم خان جي اها خواهش ٻٻرن کان ٻير گهرڻ واري آهي. اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان 23 مارچ تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي اعلان بعد اوچتو پاڪستان پيپلزپارٽي جي طرفان 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد طرف عوامي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو عوامي لانگ مارچ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شھرن ۾ جلسا جلوس ڪري اسلام آباد پهتو ۽ اتي به جلسو ڪري پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو جنهن بعد وري پارليامينٽ لاجز ۾ اسلام آباد پوليس پاران اتي موجود ٻاهرين ماڻھن جي موجودگي تي ريڊ ڪري جي يو آئي جي ڪيترن ڪارڪن ۽ ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو ويو ته جي يو آئي جي قائد مولانا فضل الرحمان اسلام آباد پهچي سڄي ملڪ جي پارٽي ڪارڪنن کي تمام جلد اسلام آباد پهچڻ ۽ جيڪو جتي به آھي اتي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج جو سڏ ڏنو ته حڪومت حرڪت ۾ آئي ۽ جي يو آئي جي گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۽ ايم اين ايز کي آزاد ڪيو ويو ۽ ائين جي يو آئي جي ڪارڪنن پاران سڄي ملڪ ۾ بلاڪ ڪيل روڊ کلي ويا وري سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ اپوزيشن طرفان حڪومتي ڌر جي ڪجھ ميمبرن کي رهائڻ تي پي ٽي آئي جي ڪارڪنن حملو ڪري ڏنو ۽ ان کان پوء وري او آئي سي جي اجلاس سبب لانگ مارچ جي تاريخ جي تبديلي بعد وري 27 مارچ کان جي يو آئي ۽ نواز ليگ طرفان اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيا ۽ اتي ٻنهين پارٽين جلسا ڪيا ۽ گڏوگڏ حڪومتي پارٽي پي ٽي آئي طرفان به پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪري جلسو ڪيو ۽ گڏوگڏ پارليامينٽ ۾ حڪومت خلاف اپوزيشن عدم اعتماد جي رٿ 161 ميمبرن جي صحيح سان داخل ڪئي وئي جنهن تي ستن ڏينهن اندر ووٽنگ متوقع آھي ان کان بعد اسلام آباد سميت ملڪ جي سڀني اهم شھرن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي طرفان جوڙ توڙ جاري آھي ۽ پل پل سياسي صورتحال بدلجندي پئي وڃي جيئن پنجاب جي وزيراعلي عثمان بزدار کان استعيفا وٺي ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي کي پي ٽي آئي طرفان وزارت اعلي جو اميدوار نامزد ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاء کين سنڌ جي گورنرشپ ۽ ٻيون وفاقي وزارتون ڏيڻ جي آڇ ۽ جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ طرفان به ق ليگ جي چوڌرين سان ملاقاتون ۽ پ پ طرفان ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ اهم وزارتون ۽ ٻيون مراعاتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آھي ۽ ايم ڪيو ايم اڃان به وچ تي بيٺي آھي ۽ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي آھي جڏهن ته پ پ ۽ پي ٽي آئي ٻنهين  طرفان دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ايم ڪيو ايم اسان کي ووٽ ڪندي ٻئي پاسي پنجاب ۾ پڻ صورتحال مليل جليل آھي ڇوته پي ٽي آئي جي جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ ۽ نواز ليگ جي چوڌري نثار احمد جي حمايت ڪنهن کي ٿي ملي ان جي خبر نه ٿي پئي ۽ وري گذريل اسلام آباد جلسي ۾ وزيراعظم عمران خان طرفان هڪ خط جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو هيو اهو به موضوع بحث لڳو پيو آھي ۽ حڪومت اپوزيشن ٻئي ڌريون عدم اعتماد ۾ ڪاميابي جو دعوائون ڪندي نظر اچن ٿيون پيون ۽ جوڙ توڙ جي بازار گرم لڳي پئي آھي ڪڏهن ائين ٿو لڳي ته اپوزيشن حڪومت کي شڪست ڏئي ويندي ته وري ڪيڏي مهل لڳي ٿو ته عمران خان حڪومت عدم اعتماد مان بچي ويندي سڀ پارٽيون خاص طور پي ٽي آئي ۽ نوازليگ پنهنجي ميمبرن کي هيڏي هوڏي وڃڻ کان روڪيندي کين مختلف جاين تي محفوظ رکڻ ۽ کين وڏيون پرڪشش آڇون ڪندي نظر اچن ٿا پيا بلوچستان پارٽي جنهن کي باپ ٿا چون,شاهزين بگٽي ۽ پي ٽي آئي جي ايم اين ايز عاصم نذير تارڙ,طارق بشير چيمه به اپوزيشن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي پر وري حڪومتي ترجمان اهو ٿا بيان ڏين ته اهي واپس اسان ڏانهن اچي ويندا ڪي ذريعا وري چون ٿا ته اهو سڄو سياسي کيل نوازشريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز شريف کي اقتدار کان پري رکڻ جو اسٽيبلشمينٽ جي طرفان پنهنجي حامي سياسي پارٽين کي ٽاسڪ ڏنو ويو آھي جنهن ۾ اهي لانگ مارچون جلسا جلوس جوڙ توڙ ۽ شهباز شريف کي اڳيان ڪري شريف خاندان ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ شامل آھن ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ حامي پارٽيون پنهنجي ڪم کي بهترين نموني سان سرانجام ڏيڻ ۾ لڳيون پيون آھن مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون ۽ سياسي صورتحال پل پل ۾ تبديل پئي ٿئي هاڻي ڏسڻو رڳو اهو آھي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي؟ بحرحال هن موجوده صورتحال ۾ ڪير به ڪابه اڳڪٿي نه ٿو ڪري سگهي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ۽ وري افسوس ته اهو ٿو ٿئي ته عوام جي ووٽن سان ڪامياب ٿيل سڀئي نمائنده گذريل ڪيترن مهينن کان هڪٻئي جا ميمبر ٽوڙڻ,خريد ڪرڻ,لانگ مارچن,جلسن جلوسن ۾ اربين روپيا خرچ ڪري رهيا آھن پر کين عوام جي مشڪلاتن جو ڪوبه فڪر ناهي عوام مهانگائي,بدامني,بيروزگاري سميت ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿو پيو آھي پر هنن جو ان طرف ڪوبه ڌيان ناهي ته پوء ذهن ۾ اها ڳالھ ٿي اچي ته اهڙا عوامي نمائنده اگر هن حڪومت کي ڪيرائي پنهنجي حڪومت ٺاهيندا ته پوء به عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا جڏهن ته اپوزيشن جي اتحاد ۾ شامل سڀ جماعتون ڪيترائي دفعا ڪيترائي سال ملڪ ۾ اقتدار ۾ رهي چڪيون آهن پر پوء به پاڪستان ڪابه ترقي ناهي ڪئي پاڪستان جو عوام مشڪل کان مشڪل ترين صورت حال کي منهن ڏئي رهيو آھي ته اڳتي انهن وٽ ڪهڙو الادين جو چراغ آھي جو عوام جون مشڪلاتون چپٽي ۾ ختم ڪري ڇڏيندا ان جي لاء سٺو ته اهو آھي ته هن حڪومت کي پنهنجا پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ پنج سالن کان پوء وري سڀ پارٽيون عوام جي عدالت ۾ وڃن ۽ عوام جنهن کي به بهتر سمجهي ووٽ ڏئي ان کي اقتدار ڏنو وڃي نه ته ائين نه ٿئي جو هي سڀ سياستدان پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ وچان ڪا ٽئين ڌر ان مان فائدو وٺي سڄو سسٽم ئي نه ختم ڪري ڇڏي ۽ سياستدانن جي غلط عملن جي ڪري عوام به ان ٽين ڌر جي حمايت ڪري سياستدانن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري سگهي ٿي#

پهنجو تبصرو موڪليو