عادلپور (رپورٽ اسلم مھر) ٻيلي کاتي جا نوان پوکيل وڻ ڀيلجي ويا، سون جي تعداد ۾ چو پايو مال تازو ڄاول ٻٻرن کي لتاڙي ڇڏيو، ٻڪرين ۽ رڍن ڪچڙا وڻ کائي تباهه ڪري ڇڏيا. اڳوڻي ڊي ايف او ضياد الله لغاري جي دور ۾ پوکيل ٻٻرن جا وڻ وڏا ٿي ويا هئا جيڪي ڌنار روزانو تباهه ڪري رهيا آهن. پن چري تي پابندي باوجود ٻيلي کاتي جي راکن جي مبينا ملي ڀڳت سان ٻيلو تباهه ٿي رهيو آھي ، شڪايتن جي باوجود به ٻيلي کاتي ڪو قدم نه کنيو.

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ٻيلي کاتي جي ملازمن جي آشيرواد سان سوين مال جا وڳ ڌنار ڪاهي اچن ٿا جنهن سبب وڻ تباهه ٿي رهيا آهن جڏھن ته ٻيلي کاتي جي مبينا آشيرواد سان ڳاڙهيجا پل لڳ ٻيلي کي باهه ڏئي ساڙي ڪيترائي ٻٻرن جا وڻ وڍجي ويا آھن. جڏھن ته ڌنار ڏينگڙو واھ کي ھٿ سان ڪٽ ھڻي ٻيلي ۾ پاڻي ڇڏين ٿا ته جيئن گاھ ڦٽي ان سلسلي ۾ مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته اگر اسان ڌنارن کي روڪيون ٿا ھو اسان سان وڙھي پون ٿا ته اسان کي ٻيلي کاتي وارا منع نٿا ڪن توھان ڪير ٿيندا آھيو اسان ھنن کي کير ڏيندا آھيو.

ان ڪري اسانکي ڇوٽ مليل آهي. ھنن چيو ته راکن کي ڪيترا ڀيرا چيو ته مال بند ڪرايو ته هو چون ٿا ڌنارن کي جهلي جهلي ٿڪجي پيا آهيون، آفيسرن کي ٻڌايون ٿا پر ڪو به قدم نٿا کڻن. مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو ته چو پايو مال بند ڪرايو، ڌنار ڀڄايو ۽ ٻيلو بچايو. ڌنارن خلاف ڪاروائي ڪري مال ڍڪ تي نيو وڃي تڏهن ٻيلو بچي سگهي ھتان جي ساڃاهه وند ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي ايف او گهوٽڪي فوري طور تي متاثره علائقي جو دورو ڪري مال بند ڪرائي ٻيلو بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺي.










