ٺل ڀرسان مبينا گهرو تڪرار تان مڙس هٿان گهرواري قتل

ٺل ڀرسان مبينا گهرو تڪرار تان مڙس هٿان گهرواري قتل

ٺل (ن س )ٺل ڀرسان مبينا گهرو تڪرار تان مڙس پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ دريا خان بنگلاڻي ۾ جوابدار علي حسن بنگلاڻي مبينا گهرو تڪرار تان پنهنجي گهرواري اميران خاتون کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. پوليس موجب، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو