ٺاروشاه، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري اغوا بعد قتل

ٺاروشاه، پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري اغوا بعد قتل

ٺاروشاھ (ن س) ٺاروش مڃٺ ڀرسان پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري امتياز خاتون ملاح ھٿياربندن هٿان اغوا مبينا طور گوليون هنڻي قتل ڪري لاش جهنگ ۾ اڇلائي هٿياربند فرار قتل ڪيل پريماڪا جو 15 ڏينهن اڳ ڄاول ٿڃ پياڪ ٻالڪ زخمي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل, ٺاروشاھ ڀرسان مڃٺ جي علائقي نيو تڳر ڳوٺ تي صبع عصر مهل پريمي ديدار ملاح جي گهر تي هٿياربندن حملو ڪري 14 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمڪا امتياز خاتون ملاح کي اغوا ڪري ويا پريمي ديدار ملاح ٻڌايو ته مان رات درياٻ مان مڇي مارڻ لاء ويو هئس تي گهر تي منهنجي زال جي ڀائرن ۽ چاچن نئو ديرو واسي راڻو ملاح احمد ملاح ۽ اٺن کان وڌيڪ هٿياربند منهنجي زال کي اغوا ڪري ويا ڳوٺ کان ٽي ڪلو ميٽر پري ڪچي ۾ کيس گوليون هنڻي قتل ڪري لاش اڇلائي فرار ٿي ويا هن چيو ته اسان چوڏھن مهينا اڳ ييار جو پرڻو ڪيو هيو جنهن تان ناري جا ڀائر ۽ چاچا اسانکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا جن اڄ منهنجي زال کي قتل ڪيو آھي هن چيو ته 15 ڏينهن اڳ ڄاول منهنجو پٽڙو پڻ زخمي ٿي پيو آھي ٻئي پاسي تڳر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء اسپتال کڻائي اچي رهي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو