ولي عهد ۽ اسرائيلي وزيراعظم امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد

 ابوظيبي(ويب ڊيسڪ)ابو ظيبي جي ڪرائون شهزادي ۽ اسرائيل جي وزيراعظم کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ولي عهد محمد بن زايد ال نهيان جي نامزدگي نوبل انعام واري ڪميٽي کي پيش ڪئي وئي آهي.امن جو نوبل انعام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي رابطن جي بحالي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو ۽ ابوظهبي جو ولي عهد محمد بن زايد ال نهيان کي امن جو نوبل انعام يافته لارڊ ڊيوڊ ٽرمبل نامزد ڪيو ويو آهي.اتر آئرلينڊ جي اڳوڻي وزير لارڊ ڊيوڊ ٽرمپ کي 1998 ۾ امن جو نوبل انعام ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو