عبدالمجيدبروھي
متحده عرب امارات جو پرڏيهي وزير هن وقت تمام خراب موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي ملڪ جي سيڪيورٽي جي نالي تي آمريڪا کي ٽريلين ڊالر ڏيڻ کان پوءِ، هن هاڻي محسوس ڪيو آهي ته اهي فوجي اڏا اصل ۾ ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا هئا. حقيقت ۾، انهن جو مکيه مقصد اسرائيل جي رياست جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ هو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل ڏانهن ايندڙ ميزائل اڳ ئي انهن اڏن ذريعي ڳولي سگهجن ٿا.
اهڙي طرح، امارات، پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوجي اڏن جي ڪري، غير محسوس طور تي ايران جي خلاف جاسوسي ۽ سازشي نيٽ ورڪ جو حصو بڻجي ويو، جنهن جي ڪري اهو تهران سان هڪ نئين تڪرار ۾ ڦاسي پيو آهي.
هاڻي هو هوش ۾ اچي ويو آهي!
هن خوف ۾، اماراتي پرڏيهي وزير اٽلي ڏانهن ڊوڙي ويو آهي ته جيئن تقريبن ٻه ارب ڊالرن جو هوائي دفاعي ميزائل سسٽم خريد ڪري سگهجي. پئسا يقيناً تمام گهڻا آهن، پر نقادن جي مطابق، فيصلي سازي ۾ عقلمندي جي کوٽ واضح آهي. آخري نتيجو اڃا به مايوس ڪندڙ هوندو، ڇاڪاڻ ته نقادن جي مطابق، هن قسم جو دفاعي نظام صرف تڏهن ئي اثرائتو هوندو آهي جڏهن اسرائيلي مفاد ان سان گڏ هوندا آهن. اٽلي ۽ فرانس جي هن گڏيل دفاعي نظام کي MAMBA سڏيو ويندو آهي. هي نظام Aster 30 ميزائل استعمال ڪري ٿو، جيڪو هوائي جهازن، ڊرونز، ڪروز ميزائلن ۽ محدود حد تائين، بيلسٽڪ ميزائلن کي هوا ۾ تباهه ڪرڻ جي قابل آهي.
ان جي اثرائتي رينج تقريباً 120 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته ميزائل جي رفتار تقريباً Mach 4.5 آهي. هي نظام هڪ ئي وقت ڪيترن ئي هدفن کي ٽريڪ ڪرڻ ۽ مارڻ جي قابل آهي ۽ شهرن، فوجي اڏن ۽ حساس تنصيبات کي هوائي حملن کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
فوجي ماهر اڪثر ڪري هن نظام جو مقابلو آمريڪي MIM-104 پيٽريٽ هوائي دفاعي نظام سان ڪندا آهن ۽ ان کي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ جديد ميزائل دفاعي نظامن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. بهرحال،
خليج جي علائقي جي حوالي سان ان جي اثرائتي کي مڪمل ۽ فيصلو ڪندڙ نه سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن خطرو بيلسٽڪ ميزائلن يا ڊگهي فاصلي جي حملي کان آهي، جهڙوڪ جيڪي ايران جي ميزائل پروگرام سان منسوب آهن، ته پوءِ هي نظام اڪيلو ڪافي ناهي.
يو اي اي وارا ۽ تمام خليجي ملڪ ان وھم گمان ۾ ھئا تـ انھن جي ملڪن ۾ جيڪي امريڪي اڏا آھن اھي سندن ۽ سندن ملڪن جي عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاء امريڪا قائم ڪيا آھن جن جا سمورا خرچ پڻ اھي خليجي ملڪ ڀريندا رھندا ھئا پر انھن جو ڀروسو تڏنھن ٽٽي پيو جڏنھن امريڪا انھن فوجي اڏن کي ايران خلاف ۽ فلسطين خلاف اسرائيل جي جاسوسي ڪرڻ ۽ ايران مٿان اسرائيل جي مدد لاء حملا ڪيا ويا ايران سان جنگ جي شروعات امريڪا پڻ انھن اڏن مان اڏام ڀري شروع ڪيو ھيو انھن جي ئي اڏن مان اٿي امريڪا جا جھاز ايران مٿان حملي آور ٿيا ھيا جن حملن سان صرف ايران نـ پر پوري اسلام جو رھبر اسلام جي لاء طاقت سمجھيو ويندڙ عظيم اڳواڻ سپريم ليڊر آيت اللـ خامنائي پنھنجي خاندان سميت جام شھادت پيتو ھيو انھن اڏن مان اڏام ڀريندڙ امريڪي جنگي جھازن جي ڪري 200 کان مٿي شاگردياڻيون پڻ شھيد ٿيون ھيون انھن ئي خليجي ملڪن ۾ موجود اڏن جي ڪري پوري اسلام جو رھنما شھيد ٿيو جيڪو ھڪ وڏو نقصان آھي اسلام لاء ان بعد جڏنھن ايران پاران ان جي رد عمل ۾ انھن اڏن مٿان ميزائل حملا شروع ڪيا تـ انھن جي حمايتن جون رڙيون شروع ٿي ويون تـ ايران مسلمان ملڪن مٿان حملا ڇو ٿو ڪري سڌو امريڪا سان ڇو نٿو وڙھي انھن کي اھو چوندس تـ انھن خليجي ملڪن جي اڏن مان ئي امريڪا وارا ايران مٿان حملي آور ٿيا ايراني عوام کي ماريندا رھيا ان وقت انھن امريڪا کي ڇو نـ روڪيو ھيو تـ توھان اسان جي ملڪن کي ايران خلاف استعمال نٿا ڪري سگھو ھي اڏا تـ اوھان اسان جي ملڪن جي حفاظت لاء ھتي قائم ڪيا آھن اوھان اسان جي برادر ملڪ مٿان حملا ھتان نٿا ڪري سگھو ۽ نـ ئي اسان جي ملڪ جي ھوائي فضائي حدن کي اسان اوھان کي استعمال ڪرڻ ڏينداسين انھن امريڪا کي اھو ڇو نـ چيو تـ اوھان اسان جي حفاظت ڪرڻ بجاء اسان جي ملڪن ۾ ويھي اسرائيل جھڙي گندي سوچ ۽ مسلمان دشمن ملڪ اسرائيل جي حفاظت ڇو ٿا ڪريو پر انھن خليجي ملڪن ۾ امريڪا کي منع ڪرڻ جي ھمت ئي نـ آھي اھي سڀ جا سڀ امريڪا ج دلال بڻجي امريڪا جو ايران خلاف ڄاڻي واڻي ساٿ ڏنو اڄ جڏنھن ايران انھن مٿان حملا ڪري پنھنجي سپريم ليڊر جي خون جو بدلو وٺي رھيا آھن تـ دبئي وارا آپي مان ٻاھر نڪري ويا آھن اھي ڪجھ بـ ڪن ڪھڙي بـ مشينري خريد ڪن انھن کي ھاڻي ايراني ميزائلن کان امريڪا سميت ڪير بـ نٿو بچائي سگھي اسرائيلي دفاعي نظام کي جڏنھن ايراني ميزائلن ناڪارا ڪيو آھي اتي دبئي سميت ٻين خليجي ملڪن جو دفاعي نظام ايراني ميزائلن ڪو مسئلو نـ آھن ھاڻي بـ ڳالھ پري نـ آھي دبئي سميت سمورا اسلامي خليجي ملڪ ايران کان سرعام معافي وٺن ۽ امريڪين کي انھن جي ملڪن مان نيڪالي ڏين ۽ ھن جنگ ۾ سرعام ايران جو ساٿ ڏين جيئن ھن وقت روس ۽ چين ايران سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ويٺا اھو فرض تـ اسان جي خليجي ملڪن جو ھيو تـ اھي ايران جو ساٿ ڏين ھا پر انھن امريڪا ۽ اسرائيل جو ساٿ ڏنو پر ھاڻي بـ دير نـ آھي ھمت ڪري اعلان ڪن تـ امريڪي فورن انھن جي ملڪ مان نڪري وڃن ۽ اڏا خالي ڪري وڃن پوء ٿي سگھي ٿو ايران کي انھن مٿان ڪچھ رحم اچي پر جيڪڏنھن اھي پوء بـ امريڪا جو غلام بڻجڻ جي ضد تان نـ مٿا تـ پوء انھن مٿان ايران قھر برپا ڪندو رھندو ايران کان جنگ ڪٽڻ امريڪا جي وس جي ڳالھ نـ آھي بس پنھنجي اسلامي امن پسند ملڪ سائيڪو ٽرمپ کان نجات حاصل ڪن انھن کي پوء ايران تحفظ ڏيندو ۽ امريڪا جي ظلمن کان کين ايران ئي بچائي سگھي ٿو










