وڏي وزير سان سيد خورشيد جي وفد سميت ملاقات

وڏي وزير سان سيد خورشيد جي وفد سميت ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڻي واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه پنهنجي وفد سان ملاقات ڪئي. وفاقي حڪومت جي وفد ۾ چيئرمين واپڊا جنرل (ر) سجاد غني، سيڪريٽري آبي وسيلن حسن ناصر جمالي (ويڊيو لنڪ ذريعي)، جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاهه، جي ايم نارٿ مسعود سومرو، پي ڊي ڪي فور عامر مغل، واپڊا جو چيئرمين ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي وزير سان گڏ مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر شاهه، آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد ابڙو، لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري نجم شاهه، آبپاشي سيڪريٽري سهيل قريشي ۽ ٻيا شريڪ هئا.ملاقات ۾ ڪي-فور پروجيڪٽ تي بحث ڪيو ويو ٺٽي کان ملير ضلعي تائين 260 ايم جي ڊي جو فور فيز ون تعمير هيٺ آهي.K4 کي 100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان آڻڻو آهي يعني ڪيجھر کان ڪراچي تائين منصوبي تحت 650 ايم جي ڊي جو ڍانچو تعمير ڪيو پيو وڃي. 650 MGD ڪشش ثقل چينل کان ڪيجهر پمپنگ ڪمپليڪس K4 تحت 3 رزروائرز ۽ پمپنگ اسٽيشنون تعمير ٿيڻيون آھن 260 MGDK 3 رزروائر ناردرن بائي پاس، اولڊ NEK فلٽريشن پلانٽ ۽ پپري جي ويجهو تعمير ڪيو ويندو .وڏي وزيرچيو ته سنڌ حڪومت ورهائڻ وارو نظام ٺاهيندي 50 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جو انتظام ڪندو زمين جي قبضي جا ڪجهه مسئلا آهن مسئلا حل ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت 50 ميگا واٽ بجلي جو بندوبست ڪري رهي آهي K4 کان ڪراچي اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي آهي اسان چاهيون ٿا ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، سيد خورشيد شاهه چيو ته هو چار منصوبا مارچ 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو