ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)همايون سعيد ۽ ماهره خان جي رومانوي ڪاميڊي فلم ‘لو گرو’ جي شاندار پريميئر جي تقريب جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون. فلم جي پريميئر ۾ مرڪزي ڪاسٽ سميت سڄي ٽيم شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين شوبز شخصيتن به شرڪت ڪئي. پريميئر ۾ ماهره خان ۽ ٻين اداڪارن جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون، جن تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪيا. ميگا بجيٽ فلم جي پريميئر ۾ فواد خان، صبا فيصل، تابش هاشمي، فرحان سعيد، عروه حسين ۽ ٻين شوبز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. پريميئر جي تقريب ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، ان دوران فلم جي خاص اسڪريننگ پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ شوبز شخصيتن سميت ٻين ماڻهن فلم جي ڪهاڻي ۽ منظرن جي واکاڻ ڪئي. پريميئر ۾ ماهره خان، عروه حسين، صبا فيصل ۽ ان جي ڌيءَ سعديه فيصل جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون. ‘لو گرو’ جي پريميئر کان ڪجهه ڏينهن اڳ ‘ديمڪ’ جو پريميئر پڻ ٿيو هو، جنهن کان پوءِ 6 جون تي ٻنهي فلمن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيد تي رليز ڪيو ويندو. همايون سعيد، ‘لو گرو’ جي پروموشن دوران ٻڌايو ته ڄاڻايل فلم هن جي سڀ کان مهانگي فلم آهي، جنهن تي 25 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ خرچ ٿيو ۽ کيس پوري اميد آهي ته فلم 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪندي.










