اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مان سمجهان ٿو جيڪڏهن ٻه ٽي سال وڌيڪ گذري ويا ته نيب کان پينشن وٺڻي پوندي.اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پينشن 18 سالن ۾ ٿيندي آهي هاڻي 14 سال ٿي ويا آهن.شاهد خاقان عباسي چيو ته بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ سخت محنت ڪرڻي آهي، ان کان اڳ به ناڪام حڪومت هئي، الله کان دعا آهي ته کين هدايت ڏي، هن وڌيڪ چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ انهن لاڳاپن کي اڳتي وڌڻ گهرجي، گئس پائيپ لائين سياسي نه پر قانوني مسئلو آهي.










