اعجاز ممنائي
اسلام هڪ مڪمل دين آهي جنهن هر معاشي، سماجي ۽ اخلاقي مسئلي جو حل ڏنو آهي. اسلام ۾ معاشي نظام انصاف ۽ برابري تي ٻڌل آهي. پر اڄ جي دور ۾ “وياج” يا سود هڪ اهڙو مرض بڻجي ويو آهي جيڪو فرد ۽ سماج ٻنهي کي اندر کان کائي کوکلو ڪري رهيو آهي. وياج جو مطلب آهي قرض تي مقرر ڪيل اضافي رقم وٺڻ. سادن لفظن ۾ “پئسي تي پئسو ڪمائڻ”. قرآن ۽ حديث ۾ ان کي سختي سان حرام قرار ڏنو ويو آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته “الله واپار کي حلال ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي”
وياج جي وڌڻ جا ڪيترائي سبب آهن جن ۾ غربت ۽ بيروزگاري اهم آهن۔ جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پون ٿا ته ننڍا ڪاروبار يا ذاتي خرچن لاءِ وياج تي قرض وٺن ٿا. اسان وٽ بينڪنگ سسٽم پڻ موجود آهي۔تمام گهڻيون بينڪون اڄ به سود/وياج جي بنياد تي هلن ٿيون. گهر، گاڏي ۽ ڪاروباري قرضن تي سود/وياج لڳايو وڃي ٿو. هن مادي پرستي واري دنيا ۾ وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ ماڻهن کي وياج ڏانهن ڌڪي ٿي ڇوته ماڻهن کي اسلامي بينڪنگ ۽ بغير وياج/ سود واري متبادل جو علم نه هجڻ. وياج امير کي وڌيڪ امير ۽ غريب کي وڌيڪ غريب بڻائي ٿو.ائين طبقاتي فرق وڌي ٿو. قوم قرضن جي دلدل ۾ ڦاسي پوي ٿي. ملڪ ترقيء جي بدران تباهي ڏانهن وڃي ٿو. اسانهي ملڪ تي به اندروني ۽ بيروني قرضن جو وڏو بار وياج/سود جي ڪري آهي. وياج جو وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو جو رشتا خراب ٿين ٿا. قرض نه ڏيڻ تي دشمنيون پيدا ٿين ٿيون. ماڻهن مان اعتماد ختم ٿئي ٿو.ايتري تائين جو وياج جي قرض ۾ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ لڳا آهن۔ توڙي جو وياج کائڻ واري سان الله ۽ رسول سان جنگ جو اعلان آهي پوء به انسان ان حرام ڪم کان پاسو نه ٿو ڪري۔ وياج کائڻ وارو قوم ۽ معاشرو اندران خالي ٿي ويندو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ دنيا ۾ به ان کي مختلف عذابن ۾ مبتلا ڪري ٿو۔ وياج جي پئسي مان برڪت کڄي وڃي ٿي. جيتري به دولت هجي، سڪون، صحت ۽ خوشي نصيب نه ٿيندي. قرآن مجيد ۾ “الله وياج کي مٽائي ٿو ۽ صدقات کي وڌائي ٿو”۔ وياجي ماڻهو سماج ۾ بدنام ٿئي ٿو. ماڻهو ان کان نفرت ڪن ٿا ۽ ضرورت جي وقت به ڪو مدد نه ڪندو آهي.آخرت جي سزا دنيا جي سزا کان لکين ڀيرا سخت آهي. قرآن ۽ حديث ۾ ان جا خوفناڪ منظر بيان ڪيا ويا آهن۔ حديث مبارڪ ۾ آهي ته وياجيءَ کي قبر ۾ رت جي ندي ۾ تاريو ويندو. جڏهن به ڪناري تي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان جي وات ۾ پٿر ڀريا ويندا. هڪ ٻي جاء تي آهي ته رسول الله صه جن خواب ۾ ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو ڦليل پيٽن سان ليٽيل آهن. جڏهن اهي اٿڻ چاهيندا ته ڪري پوندا. انهن جي پيٽن ۾ وڏا وڏا نانگ هوندا. انهن کان پڇيو ويو ته اهي ڪير آهن؟ جواب مليو “اهي وياج خور آهن”. وياج کائڻ وارو جهنم ۾ باهه کائيندو. الله فرمائي ٿو ته “۽ جيڪي وياج کائن ٿا اهي ان وانگر اٿندا جيئن شيطان جي لڳل ماڻهو بيهوش ٿي اٿي ٿو” [البقره: 275]
انڪري جيڪو به وياج کائي چڪو آهي اهو فوراً توبه ڪري ۽ اڳتي وڌيڪ نه کائڻ جو عهد ڪري.حڪومت ۽ عوام گڏجي سود کان پاڪ معيشت قائم ڪن.
وياج جهڙي مرض جو علاج انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪرڻو پوندو.انفرادي طور قناعت اختيار ڪجي ۽ غير ضروري خرچن کان بچجي. حلال رزق ڪمائجي ۽ بچت جي عادت وڌائجي ۽ ضرورت پوڻ تي دوستن يا رشيدارن کان بغير سود/وياج جي قرض وٺجي.حڪومتي سطح تي اسلامي بينڪنگ جو فروغ ڏجي ۽ حڪومت کي سود کان پاڪ بينڪنگ سسٽم کي عام ڪرڻ گهرجي. مضاربت، مشارڪت جهڙا اسلامي طريقا اپنائڻ گهرجن.غريبن لاءِ بغير سود ننڍا قرض ڏيڻ جو نظام مضبوط ڪيو وڃي. وياج تي ڪاروبار ڪندڙن خلاف نه رڳو سخت قانون ٺاهيا وڃن پر انهن تي سختيء سان عمل به ڪرايو وڃي. ان لاء سماجي سطح تي علماءِ ڪرام ۽ ميڊيا ذريعي ماڻهن ۾ وياج جي حرمت ۽ نقصانن بابت شعور پيدا ڪيو وڃي. “قرض حسنہ” يعني بغير نفعي جي قرض ڏيڻ جي روايت کي عام ڪيو وڃي.زڪوات ۽ صدقات جو نظام مضبوط ڪري غريبن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي وياج ڏانهن نه وڃن.
قانون موجب جيڪڏهن ڪنهن شخص سود/ وياج تي رقم ورتي آهي ۽ هو وياج وغيره ادا نٿو ڪري سگهي ته رقم جي وصولي لاءِ ڪنهن به شخص جو سندس گهر جي دروازي تي وڃي کيس دٻاءُ ۾ آڻڻ، ڌمڪائڻ، ڊڄائڻ، هراسان ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ قانوني مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
Sindh Prohibition of Interest on Private Loans Act, 2023
تحت وياج جي وصولي لاءِ ڌمڪائڻ يا هراسان ڪرڻ بابت سخت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آهن.
ياد رکو، وياج ڏيندڙ شخص اوهان کان اضافي رقم (Interest) جو مطالبو نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي اوهان جي گهر، دڪان يا ويهڪ تي اچي اوهان کي ڊيڄاري، ڌمڪائي يا هراسان ڪري سگهي ٿو.جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي طرح اوهان کي تنگ ڪري ٿو ته وڊيو، آڊيو، ميسيجز، ڪال رڪارڊ ۽ شاهدن سميت ثبوت محفوظ ڪريو ۽ لاڳاپيل پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڏيو. جيڪڏهن پوليس قانون موجب ڪارروائي نه ڪري، ته عدالت سان رجوع ڪري قانوني ڪارروائي ۽ FIR لاءِ مناسب رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ائين ڪري ٿو ته ان کي 5 سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ، ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته توهان قانوني حق ڄاڻو ۽ مضبوط بڻجو ڇوته وياج هڪ سماجي ناسور آهي جيڪو قوم جي پاڙن کي ڪمزور ڪري ٿو. ان جو خاتمو صرف قانونن سان نه پر سوچ بدلائڻ سان ممڪن آهي. جيڪڏهن اسان قرآن جي هدايتن تي عمل ڪري انصاف تي ٻڌل معاشي نظام قائم ڪريون ته اسان نه صرف هن مرض مان نجات حاصل ڪري سگهون ٿا پر هڪ خوشحال ۽ پرامن سماج پڻ جوڙي سگهون ٿا. ياد رکو “وياج” معاشي ترقي نه،پر معاشي تباهي جو نالو آهي۔










