ووٽ کي احتساب جو درجو ڏيڻ کپي

ووٽ کي احتساب جو درجو ڏيڻ کپي

طفيل مگسي
اڄ ڪلھ اسان جي پاڪستاني سياسي ڪلچر ۾ “نظرياتي ووٽر“هئڻ جا دعويدار ته ڪافي نظر اچن ٿا.مگر انهيء لفظ جي مفهوم جي نهايت گهٽ ماڻھن\ فردن کي پروڙ ھوندي آھي.ڇاڪاڻ ته لفظ نظرياتي.نظريي کان نڪتو آھي۽ نظريو هڪ مضبوط سوچ جو مالڪ هوندو آھي.جيتوڻيڪ اصول جي مطابق نظرياتي ووٽر کي ڪنهن خاص سوچ جو پابند ٿيڻ کپي نه ڪي ڪنهن خاص شخصيت جو غلام بڻجي ڪري رهڻ کپي.يعني جيستائين نظرياتي ووٽر جو ليڊر ڪنهن نظريي جي مطابق هلي ته هو سندس جي حمايت ڪري .ليڪن جيڪڏھن اهو ليڊر نظريي کي وساري ڇڏي ته ان ليڊر کي به وساري ڪري ان نظريي جي لائق ڪنهن ٻئي ليڊر جي حمايت ڪرڻ گهرجي. جيڪڏھن ڪو ڪارڪن ائين نٿو ڪري ۽ پنهنجي ليڊر جي درست . کي درست مڃيندو وڃي ٿوته اهو پاڻ کي ڪڏھن نظرياتي ووٽر نٿو چئي سگهي يا سڏي سگهي.ها البته پاڻ کي شخصياتي ووٽر چئي ته ان ۾ ئي بهتري آھي.ليڪن اسان جي ملڪ ۾ اهو شخصياتي ووٽر جڏھن نظرياتي ووٽر جو اصطلاح استعمال ڪندي ڏيک ڏيئي ٿو ته ملڪ وقوم جو مستقبل به ايترو ئي ڏيک ڏيڻ شروع ٿي وڃي ٿو ته جيترو ته حال آھي.
خير هاڻي ڇا چئجي انهن نام نهاد پنهنجي نظرياتي ووٽرن کي.ڇوته انهن سان جيترو بحث ڪيو.جيترو به سمجهايو.ڪيتا به دليل ڏيو.نيٺ لاجواب ٿي ڪري اهي اوهان جي ڳچيء ۾ ته پئجي سگهن ٿا.ليڪن پنهنجي ليڊر جي نهايت ئي غلط قدمن کي ڪڏھن به مڃي نٿا سگهن .چاهي ليڊر پاڻ ئي ڇو نه مڃي ته هن کان غلطي ٿي هئي. انهن نام نهاد نظرياتي ووٽرن کان ڪڏھن پڇيو وڃي ته توهان نظرياتي ووٽر آھيو۽ توهان جو ڪو نه ڪو نظريو ته هوندو ته اڪثر وڏي ڏاھپ سان جواب ڏين ٿا يا ڏينداآھن ته جي ها.ڇونه اسان جو نظريو تمام پڪو آھي ته هر اليڪشن ۾ ووٽ انهي۽ شخصيت کي ڏيڻو آھي.چاهي ڪجه به ٿي وڃي.هاڻي ان قسم جي نام نهاد نظرياتي پاڳل پڻي کي شخصياتي پاڳل پڻو نه چئون ته ٻيو ڇا چئون ؟ اصل ۾ انهن ئي شخصياتي ووٽرن سياستدانن جا دماغ ايترا ته خراب ڪري ڇڏيا آھن ته انهن کي يقين ٿي ويو آھي ته اهي ڪم ڪن يا نه ڪن .انهن جو ووٽر ڪيڏانهن به نٿو وڃي.نهايت ئي دلچسپ صورتۡال ان وقت پيدا ٿي وڃي ٿي جڏھن انهن شخصياتي ووٽرن جو ليڊر ڪنهن اڻڄاڻ عظيم قومي مفاد جي خاطر مخالف سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته اوچتو هن کي ان اڳوڻي سياسي پارٽي ۾ اھڙيون اهڙيون اعلي خوبيوننظر اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ته جيڪي ان پارٽي جي ابن ڏاڏن کان وٺي شامل ڪارڪنن کي به معلوم ناهن هونديون.دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ رائج جهموري نظامن جي مضبوطي ۽ ڪاميابي جو راز اهوئي آھي ته اتي شخصي ووٽر جي بيماري ناهي بلڪ اتي سڀ اليڪشن کي هڪ احتسابي عمل جي طور تي ورتو ويندو آھي.هر اڳواڻ کي ڊپ هوندو آھي ته اتي ماڻھو ميرٽ تي ئي ووٽ ڏيندا.ووٽر پاڻ کي خاص خاص شخصيتن کي غلامي ۾ وڃڻ نٿا ڏين.جيڪو به ٻين کان بهتر ڪم ڪري ٿو.انهن کي ئي ووٽ ڏنو وڃي ٿو.۽ جيڪڏھن سمورا پراڻا ليڊر ملڪ وقوم کي نقصان رسائيندي نظر اچن ته اهڙن ليڊرز کي ووٽ نٿا ڏنا وڃن.بلڪ اهڙي ليڊرز کي ووٽ ڏنا وڃن ٿا.جن کي اڳ ڪڏھن حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه مليو هجي. شخصياتي ووٽرن جي ووٽ کان پاڪ جهموريت ۾ اليڪشن جي موقعي تي عوام جي طرفطکان ڪرڻ وارو اهو احتساب نه صرف جهموريت کي مضبوط بلڪ رياست جي ٻين ادارن کي به پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو. ضرورت هن ڳالھ جي آھي ته هاڻي عوام.نام نهاد نظرياتي پاڳل پڻي شخصياتي پاڳل پڻي جي فرسوده روايت کي ٽوڙي ڪري ميرٽ تي ووٽ ڏيڻ شروع ڪن ته جيئن اسان پنهنجو مستقبل روشن بڻائي سگهون ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو