ووٽ جي اهميت بابت ڄاڻ وقت جي اهم ضرورت آهي

اعجازتيوڻو

ملڪ ۾ جمهوري نظام ۾ هر ماڻهو جي ووٽ کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ووٽ بظاهر هڪ ننڍڙو پنو آهي جنهن تي ٺپو هڻي بيلٽ باڪس ۾ وجهجي ٿو پر ان جي اهميت تمام وڏي آهي ڇاڪاڻ ته صحيح ووٽ جو استعمال صوبي توڙي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو. اسان پنهنجي علائقي کي تڏهن ترقي وٺرائي سگهون ٿا جڏهن علائقي جي ماڻهن جا وڌ کان وڌ ووٽ داخل ڪرايون چونڊن دوران پنهنجو ووٽ صحيح اميدوار کي ڏيڻ لاءِ عوام ۾ ووٽ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏيون ڇاڪاڻ ته ووٽ قوم جي امانت آهي ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻ عورت، مرد، معذورن،اقليتن ۽ کدڙن فقيرن سميت هر ماڻهو لاءِ ضروري آهي عوام ووٽ جو درست استعمال ڪري پنهنجا نمائندا چونڊي ته جئين ملڪ جي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ ڪم ٿي سگهي مستقبل جي ترقي ۽ روشن مستقبل جيڪوعوام جوبنيادي حق آھي جنهن جي حاصلات لاءِ عوام وٽ ووٽ جو اهم هٿيار آهي اسان کي ماضي جي چونڊن مان سبق حاصل ڪري موجوده حالتن جي ضرورتن ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکي مضبوط ۽ منصوبابندي تحت ووٽ جي اھميت کي به سمجھڻ گھرجي ۽ مقامي ،صوبائي ۽ قومي سطح جي چونڊن ۾ صحيح سياسي ليڊر کي ڪامياب ڪرائڻ لاءَ ووٽ استعمال ڪرڻ گھرجي جمهوريت ۾ هر فرد جي ووٽ جي اهميت آهي مرد ۽ عورت جو ووٽ برابر آهي مردن سان گڏوگڏ عورتن جي ووٽن جي رجسٽريشن کي پڻ وڌائڻ ۽ کين برابري جا حق ڏيڻ لاءِ عوام خاص ڪري عورتن ۽ ڇوڪرين کي سندن ووٽ جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاء اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پروگرام منعقد ڪيا وڃن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران پوري ملڪ اندر عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن سال 5 ڊسمبر تي منهنجو ووٽ منهنجي طاقت جي نعري تحت ووٽرن جو قومي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد عوام خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن کي ووٽ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي جڏهن ته اليڪشن قانون تحت هر فرد جو ووٽ برابر آهي ۽ جنهن تڪ ۾ عورتن جو ووٽ 10 سيڪڙو کان گهٽ ڪاسٽ ٿيندو ان تڪ جي اليڪشن کي ڪلعدم قرار ڏنو وڃي ٿو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايت تحت هر ضلعي ۾ ووٽرز ايجوڪيشن ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي جنھن جو مقصد ضلعي جي نون ووٽرن خاص ڪري عورتن، معذور ماڻھن ۽ ٽئين جنس وارن کي انتخابي عمل ۾ شامل ڪرڻ لاء انھن جا شناختي ڪارڊ ٺاھڻ ۾ مدد ۽ ووٽ جي رجسٽريشن کان علاوه آگاھي فراھم ڪرڻ آھي

ملڪ ۾ جمهوري عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته هر شهري پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري جنهن سان ملڪ ۾ مثبت تبديلي پيدا ٿيندي ۽ پڙهيل لکيل طبقو اسيمبلين تائين پهچي سگهندو. جنهن علائقي ۾ ووٽ تمام گهٽ داخل آهن انهي علائقي ۾ ڪيمپ قائم ڪري ووٽ رجسٽر ڪرڻ لاء ڪوششون ورتيون وڃن جيڪڏهن ووٽن جي رجسٽريشن کي وڌائڻون آهي ته شهرن سان گڏ ٻهراڙي جي علائقن ۾ پڻ آگاهي ڪيمپون لڳايون وڃن ڇاڪاڻ ته شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ تمام گهٽ ووٽ داخل آهن انهي لاءِ سماجي تنظيمن،سياسي اڳواڻن سميت هر طبقي جي ماڻهون ان ڪم ۾ اليڪشن ڪميشن سان ٻانهه ٻيلي ٿي ملڪي ترقي ۾ ووٽ جي اهميت بابت پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ جاگرتا پيدا ڪن ۽ ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين. ووٽرن جو قومي ڏينهن ملهائڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ضلع سان گڏ تعلقي ۽ ٽائون سطح تي پڻ آگاهي سيمينار پڻ ڪيا وڃن جن ۾ چونڊيل نمائندن،سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين کي شريڪ ڪيو وڃي ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران هر شهري جو شناختي ڪارڊ ٺهڻ وقت سندن مستقل يا عارضي ايڊريس تي سندن مرضي مطابق ووٽ جي داخلا ڪئي وڃي ان سان پڻ ماڻهن کي ووٽ جي داخلا لاءِ الڳ اليڪشن آفيس جي پنڌن کان بچائي سندن ووٽ داخل ڪري سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو