توفيق لنڊ
وقت جي حڪمرانن عوام کي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ڇڏي اقتدار جي نشي ۾ گم ٿي ويا حڪمرانن کي اقتدار واري ڪرسي ۾ پهچائڻ واري هي عوام آهي اڄ سورن ۾ آه جيڪا اڄ ماني جي هڪ ڳهڀي لا۽ پريشان آهي قدرت طرفان بارشن جو سلسلو سنڌ اندر تقريبن 02مهنين کان هليو اها برسات خبر نه هئي اسان کي ته خدا طرفان رحمت آهي يا زحمت پر ڏسجي ته خدا طرفان نعمت هيو وقت جي يزيد حڪمرانن ان رحمت کي زحمت بڻائي وستي واهڻ شهر شهر گلي گلي ٻوڙائي ڇڏيا انهن وٽ سڀ ڪجھ هيو هي بارشن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ڪو ڏکيو مسئلو نه هيو انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري اسان جي سنڌ ته اڳين ئي سورن ۾ هئي اهي سور درد مس گهٽ ٿيا ته بارشن ۾ اقتدار واري ڪرسي تي ويٺل اهي منسٽر جيڪي اقتدار کي پنهنجي زندگي سمجهي وقت گذارن پيا پر اقتدار جي نشي ۾ڌت ويٺل وقت جا بادشاھ وزير عوام کي هن ڏکي گهڙي ائين زخمي ڪيو جو سور درد ختم ٿيڻ ۾ به گهڻو عرصو لڳندو جوجيڪي اڳ درد ڏک سور هيا سئي وري ٻيڻا ٿي ويا برستاتن جي پاڻي ڪرر سنڌ جي وزيرن مشيرن جي نااهلي جيڪو غريب ماروئڙن سان ظلم ٿيو اها تاريخ جي انهن جي ورڪن ۾ لکيو ويندو انهن حڪمرانن اسان جي سهڻي سنڌ جي ان غيور عوام کي بکي پيٽ کلي آسمان سمهايو سنڌ ۾ رهندڙ اهي شاهوڪار ماڻهون جن پنهنجي زندگي کي صحيح بصر ڪرڻ لا۽ ٻني ٻارو ڪاهي پنهنجي پيٽ جو گذر سفر ڪندا هئا وقت جي حڪمرانن اهي ٻني ٻارا به واهن شاخن بندن کي ڪٽي ڏئي اهي ٻنيون ٻارا به ٻوڙائي ڇڏيا غريب مسڪينن کي رهڻ لا۽ مهل بنگلا نه هيا جو حڪمرانن اهي ڪيرائڻ لا۽ بند ٽوڙيا انهن کي ختم ڪرڻ لا۽ پر انهن وٽ ته اهي ڪکاوائن گهر هيا جيڪي هڪ ڪاٺي جي لڪڙي ۾ ٺهيل هئا غريب مسڪين ماڻهون وٽ ڪا نوڪري يا ڪو وڏو ڪاروبار نه هيو انهن وٽ ته بس چوپايو مال هيو جنهن مان هو پنهنجي وقت جو گذر سفر ڪندا هئا حڪومت اها به ماروئڙن کان ختم ڪرائي ڇڏيو چوپايو مال به ان سمندر ۾ ٻڏي مري وئي وقت جي حڪمرانن ماڻهون کي ختم ڪرڻ لا۽ ڪا ڪسر ناهي ڇڏيو زندگي جو هر جياپو غريب ماڻهون کان کسيو ويو پر اهي سفيد پوش ماڻهون جيڪي پنهنجي شهر اندر ننڍي ڪاروبار ذريعي پنهنجي بچن کي سٺو کارائن پيا پنهنجا ٻچا اسڪول پڙهائن پيا جئين مستقبل ۾ پڙهي ڪري اهي ڪنهن ڀوتار جي اڳيان هٿ نه ٽنگن ۽ پنهنجي محنت جستجو ذريعي اڳتي وڌن پر وقت جي ان يزيد حڪمرانن به سوچيو ته جيڪڏهن اهي ڪاروبار ڪندا ۽ اهيو اسان وزيرن مشيرن لا۽ ڏکيو ٿيندو پنهنجا ٻار پڙهائي اڳتي ڪري ويندا انهن جو به دستور ختم ڪيون اهي سفيد پوش به ختم ٿي ويا انهن جو هر شئي ختم ٿي ويو جڏهن حڪمرانن هر شئي ختم ڪري پو۽ جڏهن عوام جي وچم آيا ته انهن کي اهيو چيو ويو ته بابا بس قدرت رحم ڪري بس اهيو سڀ ڪجھ قدرت جو ڏمر هو اسان مٿان قدرت جو اهو ڏمر ڪنهن جي ڪري آيو ته اهيو سوال ڪنهن کان پڇون حڪمرانو اوهان غريبن تي ظلم ڪيو اهيو ڏمر ناهي ته ٻيو ڇاهي ٻني ٻارن تي قبضہ ڪيو نياڻين مٿان ظلم ڪيو غريبن کي ڪورٽن ٿاڻن ۾ لوڙاهيو اهيو ڏمر ناهي ته ٻيو ڇا رحمت آهي حڪمران ڏکايل ماڻهون کي اهيو چوندا رهيا هاڻي جيڪو ڪجھ ٿيو ان کي وساري هاڻي اوهان جي مدد ڪئي ويندي اوهان جا ته مال ڍور ڍڳا گهر اناج مطلب سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آه ان جو احساس اسان حڪمرانن کي آهي اهو سڀ ڪجھ بس قدرت جي طرفان آهي هاڻي اوهان کي اڪيلو نه ڇڏبو اوهان جي هر ممڪن مدد ڪبي ۽ اوهان هاڻي ڏسندو ۽اوهان کي اهيو احساس ڏياربو ته جنهن کي اوهان ووٽ ڏئي چونڊيو ٿا اوهان ان کي پنهنجي علائقي جو خدمت خلق لا۽ هڪ فرشتو ڪري سرڪار جي ان اعلي ايوان تي پهچايو ٿا جٿ اهو وزير پنهنجي علائقي جي ماروئڙن جو ڏک سؤر پنهنجي وڏن سربراهن کي ٻڌائي ٿو ۽ ڪجھ داد رسي ٿئي ٿي هاڻي اوهان کي اهيو احساس ڏيارينداسين ته خدمت ڪئين ڪبي آهي هاڻي اوهان وٽ ڪجھ به ناهي رهڻ لا۽ هاڻي اوهان کي ٽينٽ ڏينداسين اوهان وٽ کائڻ لا۽ ڪجھ به ناهي اوهان کي راشن به ڏينداسين اوهان جا بچا برسات جي ان ڪني پاڻي ۾ بيمار ٿيا هوندا اتي اسان ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪنداسين اسان اوهان جا هاڻي پويان سڀ ڏک ختم ڪري پا۽ چانورن جو ڏئي ٽينٽ ڏئي گرمي ۾ رهي اوهان جا سڀ پويان ڏک ختم ڪنداسين ڇو ته اهيو اسان تي فرض آهي اوهان ته آيو جو اسان ڀوٿارن کي ووٽ ڏئي مٿي ڪري ان ايوان واري ڪرسي تي پهچايو ٿا جو ان ۾ ايترو ته نشو آهي جو دل ناهي چوندي ته هاڻي هتان لهون اسان تي فرض آه اهڙي ڏکئي ٽائيم ۾ اوهان کي نه ڇڏيون اوهان گهر ۾ 6ڀاتي آيو ته هڪ ماني ڏينداسين ان ماني جا حصا ڪري مڙئي وقت کي اڳتي ڌڪي ڇڏجو جئين وقت گذري اوهان ڪجھ کائو نه کائو پر اوهان پنهنجي ننڍي معصوم ٻارن جو سوچيو انهن کي ان ماني مان ڳهڀو ڳهڀو کارائي انهن کي گرمي ۾ لولي ڏئي سمهاريو اوهان جا ننڍا ٻار اوهان جا مستقبل آهن انهن مستقبل جي مارئوڙن کي ڪجھ ٿيو ته اسان به تباه ٿي وينداسين اسان جي سنڌ ۾ پوئتي هلي ويندي پو۽ ته ڏڪار ايندو ان ڏڪار ۾ اسان وزير مشير به پوئتي هليا وينداسين هي جيڪو ڏڪار اسان پيدا ڪيون پيا صرف اها اوهان غريبن لا۽ آهي غريبون اوهان جي خدمت ڪيون ٿا ائين نه پو۽ وري ٻيهر جڏهن ووٽ وٺڻ اچو ته چئجو صاحب برساتن دوران اسان ته ٻڏي وياسين سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو ۽ اوهان لڙئي نه آيا هو ۽ جڏهن ووٽ ووٺڻ ايندا هيو ته اوهين چوندا هيو ته اوهان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين ڀلي طوفان آنڌي اچي اوهان جي ڏک سک جو ساٿي رهنداسين هن ڏکي وقت کانسوا۽ ٻيو ڪهڙو ڏکيو وقت ٿيندو جنهن ۾ اوهان جو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آه هاڻي اوهان جي خدمت ڪرڻ اسان وزيرن مشيرن تي فرض بڻجي ويو آهي هاڻي اسان به پنهنجي گورنمنٽ کان اوهان جي لا۽ ڪروڙين رپيا وٺنداسين ۽ انهن کي ٻڌائينداسين جنهن علائقي کان اسان کي غريب عوام چونڊيو آه اتي هاڻي انهن مٿان ڏکيو وقت آه اسان ڏکئي گهڙي ۾ انهن کي رهڻ لا۽ ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڏينداسين انهن ٽينٽ سٽي ۾ بجلي جو نظام ڏينداسين پئيڻ لا۽ صاف پاڻي مهياڪنداسين اوهان جا جٿ ٻار پيا پڙهن اهي اسڪول به ٻڏي ويا اتي ٽينٽ اسڪول قائم ڪنداسين ٻارن جي بيمارين ڪاڻ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري ماهر ڊاڪٽر آڻينداسين اوهان کي ايترو ته راشن ڏينداسين جو جيسين تائين هي ماحول صحيح ٿئي ۽ اوهان پنهنجي پيرن تي اچي بيهجو اوهان کي ايترو راشن ڏينداسين اوهان بي فخر ٿيو خدمت خلق اسان تي فرض ۽ اسان جي پهرين اولين ترجيح آهي اوهان فڪر نه ڪيو اوهان جو جيڪو نقصان ٿيو آه ان جو ازالو سنڌ گورنميٽ ڪندي اوهان کي هاڻي گهر ٺهرائي ڏبا اوهان کي هاڻي نوڪريون ڏبيون اوهان نه سوچيو ته اسان جو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو هاڻي اسان لا۽ جئيڻ محال بڻجي ويو آهي چوڻي آهي ته ڏکن پويان سک هوندا آهن اهي سک اسان سياستدان اوهان کي ڏينداسين هاڻي ٻڌو اسان وٽ وڏيون گاڏيون آهن ۽ هي وڏا وڏا بنگلا آهن اهي سڀ ڪجھ اوهان لا۽ آهن هاڻي اوهان اچجو ضرور اسان جي بنگلن ۾ امداد وٺي وڃجو سڀاڻي ائين نه چئجو رئيس جاڙوخان خميسو خان اسان کان ووٽ ته وٺي ويو ۽ جيڪي وعدہ ڪيائين اهي سڀايان نه ڪئين ٻيلي سڀاڻي ووٽ وٺڻ وري اينداسين وري پو۽ معيار نه ڏجو اچجو امداد وٺڻ سڀ ڪجھ گورنميٽ اسان کي ڏنو آهي جنهن ۾ اوهان لا۽ راشن مڇرن جي آزار کان بچڻ لا۽ مڇردانيون رهڻ لا۽ ٽينٽ سڀ ڪجھ اوهان هاڻي نه سوچجو ته اهي سڀ شيون رئيس پنهنجي واٺن کي ڏيندو پر اوهان کي ٻڌايان منهنجا چمچما واٺا به ته متاثر ٿيا هوندا انهن کي به ته ڪجھ ڏيندس نه اهي به ته انسان آهن اوهان منهنجي بنگلي ۾ اچجو اسان اوهان وٽ نه اينداسين رستن تي پاڻي جمع ٿيل آهي اسان جو وڏيون ڪروڙين رپين جو گاڏيون خراب ٿينديون اسان ۾ بيماريون اچي وينديون اوهان ته هريل هو ڪني ۾ پاڻي ۾ اچڻ ۽ وڃڻ لا۽ مهرباني ڪري اچجو راشن وٺي وڃجو هي رسم سڀ ڪجھ هلي ٿو جڏهن رئيس جاڙي خان جي بنگلي تي راشن وٺڻ لا۽ وڃون ٿا ۽ پنهنجي ٻارن کي اهيو ٻڌائي وڃون ٿا ته ننڍن ٻارن کي ائين نه سمهائجو رئيس جاڙي خان ڏئي وڃون ٿا اوهان جي پيٽ پوجا لا۽ هاڻي ته پيٽ پوجا کانسوا۽ ٻيو ڪجھ به ناهي نه بس پيٽ کائي وقت گذاريون جڏهن پاڻي جا وهڪرا ڪراس ڪري رئيس جاڙي خان وٽ پھچون ٿا ته صاحب پنهنجي حفاظتي بچا۽ لا۽ وڏي گيٽ وٽ ئي سوين هٿياربند محافظ بيهاري ڇڏي ٿو هاڻي اندر وڃڻ لا۽ انهن کي ايلاز منٿ پيرين پوڻا پون ٿا پو۽ اندر وڃون ٿا جڏهن رئيس وٽ پهچون ٿا ته هزارين ماڻهون ڏسي ائين زهن ۾ اهيو غور ويچار ڪيون ٿا ته رئيس ته واقعي خلق خدمت ۾ سڀ کان اڳڀرو آه جو ماڻهون جا ميڙاڪا لڳا پيا آهن رئيس جي بنگلي تي 4کان پنج ڪلاڪ انتظار ته ضرور ڪرڻو پوندو جو رئيس عوامي خدمت ۾ سڄي رات مشغول هوندو آهي ۽ ننڊون ڦٽائي خدمتون ڪري پيو نيٺ پنجن ڇهن ڪلاڪن کانپو۽ رئيس جاڙو خان ننڊ مان اٿي ان غيور غريب عوام جي وچم آيو ۽ پنهنجي واٺن کي اهيو حڪم ڏنائين ته وڃي کڻي اچو انهن بکايلن لا۽ ڪجھ بکي پيٽ آيل هي غريب ماڻهون بک ۾ ائين تڙپي رهيا هئا جئين لوھ کي باھ ۾ تڙپايو وڃي رئيس جاڙو خان هن پيڙھ مان بيزار ٿي پنهنجي واٺن کي اهيو چيو ته 10کان ويھ ماڻهون ۾ چانورن جا لپا۽ ڏئي ورهايو ۽ ڦوٽون زبردست ڪڍجو جئين مان پنهنجي وزيرن کي ٻڌايان ته مون جيڪو اوهان کان ورتو اهو ورهايو سڀ ڪجھ ٿي ويو ڦوٽون نڪري ويا هاڻي مان هلان ٿو ۽ جيڪي چانورن لپا۽ بچيا ٿو اهي انهن کي اڇلائي ڏيوڪو رهجي نه وڃي وري سڀاڻي چوندا ته رئيس جيڪو رواز قائم ڪري پنهنجي من پسند ماڻهون ۾ سامان ورهايو ان جي ڪري اڇلائي ڏيون پوؤ جئين هي ووٽر هڪ ٻئي کي بک کان مارن ته بهتر باقي جمع خان اسان پاڻ سياستدان اچي هن عوامي ڏمر کان بيزار ٿيا آهيون انهن جي ڪري ننڊون ڦٽايون ويٺا آهيون چمچا واٺا نوڪر چاڪر رئيس جاڙي خان کي هٿ مان وٺي پنهنجي روم ۾ وٺي ويا ۽ اهيو چئي رئيس جاڙي خان کي آرام ڪرڻ لا۽ چيو ته بابا سائين سڀ ڪجھ ڀلو ٿي ويو سرڪار به خوش ٿيندو ته واقعي رئيس جاڙو خان عوام کي اڪيلو ناهي ڇڏيو اوهان بابا آرام ڪيو باقي هن سورن ۾ چچريل بيوقوف عوام کي واپس موڪليون ٿا بنگلي مان ڪڍي ٿا ڇڏيون اوهان آرام ڪيو اوهان آرام ڪيو رئيس جاڙو خان 5000هزار راشن جا ڪٽا ٽينٽ مڇردانيون ورهائي سمهي پيو نوڪر چاڪر واٺا بنگلي تي آيل ماڻهونکي اهيو چئي روانوڪيو ته بابا رئيس جو جيڪو حال هيو اهو اوهانجي سامهون آهي رئيس اوهان کي اڪيلو نه ڇڏيندو جيڪو رئيس کي ملندو اهو پاڻ وٽ نه رکندو بلڪه اوهان جي حوالي ڪندو هاڻي اوهان هلو ق اهي غريب ماڻهون جيڪي پويون اهيو آسرو ڏئي آيا هئا ته ائين آرام نه ڪجو رئيس ڏئي وڃون ٿا ڪجھ راشن پاڻي ڏيندو پر اهي ماڻهون جڏهن هٿي خالي رئيس جي ان بنگلي مان نڪتا ته اندر ۾ اهئي آهون دانهون هيون ته مولا هاڻي ڪهڙو جواب ڏيندس پنهنجي گهر وارن کي ان معصوم گلن جهڙي ٻارڙن جو ڇا ٿيندو جيڪي ٻن ٽن ڏينهن کان بک تي ويٺا ماني ڳهڀي لا۽ نهارين پيا هاڻي وڃي ڇا چوان مان جڏهن وڃي ان جڳھ تي پهتس جتي منهنجا بچا۽ کلي آسمان بک تي ان نھ ٽهڻ اس تي ويٺا رئيس جاڙو خان نه رهڻ لا۽ ٽينٽ نه کائڻ لا۽ ڪجھ راشن ڏنوجڏهن وڃي اتي پهتس ته ٻار ڀڄي ڪري اچي ڀاڪر پائي اهيو اچي پڇا ڪيائون ته بابا ماني ناهي کاڌي ماني ڳهڀو وٺي آيو آه اسان لا۽ اسان ته بک ۾ مري وينداسين اکين مان اهي لڙڪ لڙهي آيا ۽ معصوم گلن جهڙن پتڪڙن کي ڀاڪر پائي بس اهيو چيس ته بس پنهنجو نصيب آه بک تي سمهڻ ۽ نصيب انهن ڀوتارن جي هٿ ۾ آهي هاڻي اهي اسان کي جيارن يا مارن هاڻي ڀوتار وزير اسان جا مالڪ آهن انهن کي ڪجھ چئي به نٿا سگهون روز مهشر ۾ انهن کان پڇنداسين ته اسان جي بچن کي بک تي سمهارڻ لا۽ اوهان ڇا ڇا نه ڪيو










