اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا سرڪيوليشن جي ذريعي ورتي وئي ذريعن موجب نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 5 رپيا 72 پئسا في يونٽ واڌ جو فيصلو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا مالي سال 25-2024ع لاءِ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب نيپرا بجلي جي سراسري قيمت ۾ 29.78 رپيا 35.50 في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جو فيصلو نيپرا کي يونيفارم ٽيرف لاءِ موڪليو ويندو.ذريعن موجب نيپرا جي منظوري کانپوءِ حڪومت بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي شرطن موجب وفاقي حڪومت کي بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 10 جولاءِ تائين واڌ ڪرڻي آهي، بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 600 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.










