وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي ذريعن موجب ڪابينا ايپڪس ڪميٽي طرفان اعلانيل آپريشن عزم استحڪام جي به منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت شڪ شبهن جو اظهار يا اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، هي آپريشن انٽيليجنس بيسڊ هوندو، هي نيشنل ايڪشن پلان جو تسلسل آهي ۽ ان سان عوام کي ڪابه پريشاني نه ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو