وطن لاء ٻاريل ڏيئو

وطن لاء ٻاريل ڏيئو

تحرير اياز خليل چنجڻي

23مارچ 1940ع تي لاهور ۾ قراداد پاڪستان منظور ٿي ۽ برصغير جي مسلمانن جي لاء ھڪ الڳ ملڪ هجڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔ ان خواب جي پورائي ته ٿي مگر ان مقصد کي موجوده حالتن ۾ اڃا به وڌيڪ  پختو ڪري ڪاميابين جي بلندين تائين پهچائڻو آھي پاڪستان جي عوام پنهنجي ملڪ سان عقيدت ۽ محبت جي جنون سان سرشار زندھ دل قوم آھي  ۽ هر آزمائش جي گهڙي ۾ ان جو عملي مظاهرو به ڪيو آھي وطن ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت ايمان جو جزو آھي ۽ وطن سان محبت ان جي جاگرافيائي توڙي نظرياتي اثاثن سان عقيدت اسان جي مڙني مقصدن کان مٿانهون درجو رکي ٿي بلڪل اسان جي بهادر فوج دنيا ۾ پنهنجي پيشوراڻه قابليت بهادري ۽ شجاعت ۾ دنيا ۾ ھڪ اولين درجو رکي ٿي۔ دشمن ملڪ پاڪستان خلاف وڏي عرصي کان بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ۾ مصروف آھن پر اهي هر هنڌ ۽ هر جڳھ ناڪامين کي منهن ڏئي رهيا آھن ۔  پاڪستان ٺھڻ جو ڪارڻ به اها بي پناھ محبت ۽ عقيدت هئي جنهن جي ڪري برصغير جي مسلمانن پنهنجي لاء ھڪ ڌار ملڪ هجڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ ڪيترين ئي قربانين ۽ تڪليفن کان پوء ان خواب جي ساڀيان  14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ نئين ملڪ طور  ٿي ان ملڪ جي خدمت جي لاء ڪيتريون ئي نامور شخصيتون مصروف عمل آھن جيڪي پنهنجي پنهنجي طور ڪجھ نواڻ سان ڪوششن ۾ رڌل آھن  اهو به ضروري آھي ته تازو ئي پاڪستان خلاف شروع ڪيل ففٿ جنريشن وار جو ڪنهن مظبوط پلييٽ فارم تان دشمنن ۽ ان جي سهولت ڪارن خلاف جوابي ڪاروائي ڪري پنهنجي بهادر فوج ۽ عوام خلاف سازشن کي بي نقاب ڪجي۔اهڙن ڪيترن  اعلى عظيم مقصدن ڪارڻ وطن ۽ ان جي بهادر فوج سان محبت ۽ عوام جي بهتري توڙي ڀلائي لاء تازو ئي ٽي مهينا اڳ پاڪستان زندھ آباد بيسڪ آرگنائيزيشن ” پي زيڊ بي او ” جو مير نادر علي ابڙو قيام عمل ۾ آندو۔ جيڪو پاڻ ڄاتل سڃاتل نامور ليکڪ ۽ اديب آھي ۽ ائنٽي ڪرپشن ۾ ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور سنڌ صوبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي ۔ تنهن ان تنظيم ذريعي نه فقط عوام  ۽ پنهنجي بهادر فوج جي وچ۾  هم آھنگي ۽ اهميت اجاگر ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو آھي پر ان مقصد سان گڏ ملڪ ۽ عوام جي فلاح و بهبود جو ارادو پڻ رکي ٿو۔ پي زيڊ بي او جو ن تازو ئي پوري ملڪ ۾ زبردست سرگرميون ۽ تنظيم سازي شروع ٿي چڪي آھي جنهن مقصد تحت ڪيتريون ئي سماجي سرگرميون ۽ قومي ڏينهن تي تقريبون ۽ پروگرام منعقد ٿيا آھن ۔ جن ۾ مرڪزي چيئرمن مير نادر علي ابڙو ۽ تنظيم جي ٻين اڳواڻن  ڀرپور شرڪت ڪئي آھي ۔ ان ڏس ۾ باني پاڪستان قائد اعظم محمّد على جناح جي ولادت جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان  تقريبون ۽ سرگرميون ڪيون ويون ۽ مرڪزي چيئرمن باني پاڪستان جي مزار تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ سان گڏ سندس مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙھي ملڪ قوم ۽ بهادر فوج جي لاء دعا  گهري وئي . 5 فيبرري تي هر سال پاڪستان ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير طور ڏينهن ملهايو يندو آھي ان موقعي تي به پي زيڊ بي او طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾  يوم يڪجهتي ڪشمير جو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ڪيتريون ئي سرگرميون ڪيون ويون ان کان علاوھ سماجي ڪمن جي سلسلي ۾ 13 فيبروري تي گهارو شھر ۾ 15 نون مسلمان ٿيندڙ جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب پي زيڊ بي او جي چيئرمن جي سرپرستي ۽  تعاون سان  منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مرڪزي چيئرمن مير نادر علي ابڙو  , تاحيات  اعزازي ميمبر ميڊم زاهده تاج ابڙو , ميجر عبداباسط ,  ميڊم نسيم , ڊاڪٽر ڀاڳچند ,ضلعي جنرل سيڪريٽري محّمد علي شيخ سميت وڏي انگ ۾ تنظيم جي اڳواڻن , ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪري احسن عمل سرانجام ڏنو ۔ڇو ته ڪا به تنظيم عوامي ڀلائي جي ڪمن ڪارن کان سواء عوام ۾ مڃتا ۽ رتبو حاصل نه ٿي ڪري سگهي۔ پي زيڊ بي او جي منشور ۾ به عوام جي بهتري جي ڳالھ کي خاص اهميت حاصل آھي۔  ڪراچي ۾ تنظيم پاران هڪ خانگي اسڪول ۾ ڪيل تقريب ٿي جنهن ۾ اقليتي برادري به شرڪت ڪئي  ان موقعي تي مرڪزي چيئرمن مير نادر علي ابڙو خطاب ڪندي چيو ته هن تنظيم کي قائم ٿيندي فقط ٽي مهينا ٿيا آھن مگر مون کي خوشي آهي ته ٿوري وقت ۾ ئي تنظيم عوامي مڃتا ماڻي ورتي آھي ۔ هي تنظم فقط سوشل ميڊيا جي گروپن تائين محدود ڪونهي پر پي زيڊ بي او پوري ملڪ ۾ عملي طور ميدان عمل ۾ اچي چڪي آھي ۔ اسان هن تنظيم ذريعي پنهنجي بهادر فوج جي عقيدت  و احترام توڙي عوام جي بهتري جي لاء به پنهنجون عملي طور خدمتون ۽ سرگرميون سرانجام ڏئي رهيا آھيون ۽ ملڪ قوم جي خدمت ڪندي جيڪو دلي سڪون ملي ٿو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آھي پي زيڊ بي او جي آفيسن جو به مختلف شھرن ۾ افتتاح جاري آھي ان ڏس ۾ ئي تنظيم جي مرڪزي آفيس جو سنڌ جي خوبصورت شھر  حيدرآباد ۾ افتتاح ڪيو ويو جنهن ۾ مرڪزي چيئرمن سميت تنظيم جي سنڌ صوبي جي چيف پيٽرين ۽ اڳوڻو آء جي سنڌ پوليس غلام قادر ٿيٻو , پ پ جي اڳواڻ ۽ ليڊيز ونگ جي چيئرپرسن فرحين مغل  ۽ ٻين اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي۔  هي تنظيم ملڪ جي منفرد تنظيم آھي جنهن جي مول متا کي ڏسي هن ۾ ملڪ جي هر شعبي ۾ نمايان طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ  وڏيون وڏيون شخصيتون  شامل ٿي رهيون آھن جن ۾ اديب شاعر  ,ڏاها  ,دانشور , سياستدان  , عسڪري ادارن جا فرد , پوليس جا وڏا آفيسر , بيوروڪريٽ  وغيره قابل ذڪر آھن ۔ ڇو ته هي تنظيم ملڪ ۽ عوام توڙي دفاعي ادارن جي محبت ۾ جوڙي وئي آھي جنهن ۾ والنٽيئر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي هر ڪو پنهنجي لاء  اعزاز ٿو سمجهي۔  هن منفرد تنظيم جون معاشري ۾ مثبت تبديلي ۽ پنهنجا نيڪ مقصد ماڻڻ لاء عمل جاري آھن ۔ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري غلام مرتضى گهانگرو به تنظيم جي اڳواڻن سان گڏجي صوبي جي مختلف شھرن جا دورا ڪري رهيو آھي جنهن دوران تنظيم سازي ۽ مختلف معاملن تي ويچاريو پيو وڃي. پاڪستان زندھ آباد بيسڪ آرگنائيزيشن جو منشور  به قراداد پاڪستان جي مقصد  سان ملي ٿو۔ پي زيڊ بي او  جي ٺاهڻ جو مقصد پاڪستاني شھري کي ملڪ پاڪستان جي اهميت کان آگاھ ڪرڻ ۽ عوام جي دلين ۾  ملڪ جي محبت کي اجاگر ڪرڻ آھي نوجوان نسل جي دلين ۾ ملڪ سان محبت ۽ ان جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جي حفاظت ۽ جذبه حب الوطني کي اجاگر ڪرڻ آھي پاڪستاني عوام  ۽  پاڪستاني فوج  ۾ هم آھنگي ۽ اعتماد ۾ اضافو ڪرڻ ملڪي ادارن کي عوام جي خدمت جو جذبو ۽ عوام ۾ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ ملڪ پاڪستان جي دفاع جي اهميت جي  پيش نظر  عوام ۾ ان جي اهميت جي آگاهي مهم هلائي ويندي ايمرجنسي ۽ عام حالتن ۾  عوام ۽ فوج جي مورال کي بلند رکڻ جي آگاهي مهم هلائي ويندي وطن عزيز ۾ سماجي براين ۽ لساني توڙي مذھبي تعصب جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي ويندي  سوشل ميڊيا تي ملڪ دشمن عناصرن جي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪيو ويندو عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاء سڀ ميمبر پنهنجي هر ممڪن صلاحيتن کي استعمال ڪندا هي تنظيم ڪنهن به قسم جي غير قانوني ۽ غير اخلاقي غير انساني رويي جي صورت ۾   حمايت نه ڪندي نه ڪنهن ميمبر کي ان جي ذاتي مفاد جي لاء  استعمال ڪندي ۽ نه ئي سياسي استعمال جي اجازت ڏيندي هي تنظيم ملڪ جي حالتن جي مطابق ملڪ جي وسيع تر مفادن جي لاء  محب وطن تحريڪن سان اتحاد ۽ تعاون ڪندي رهندي۔ملڪ جي دفاعي ادارن ۽ عوام جي لاء قائم ڪيل هن تنظيم جي مقصدن کي ماڻڻ جي لاء هر محب وطن شھري کي گهرجي ته هن تنظيم ۾ شامل ٿي خدمتون سرانجام ڏيون اڄ پاڪستان کي اندريان توڙي ٻاهريان ڪيترائي مسئلا درپيش آھن جن کي حل ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي۔ دهشتگردي خلاف پاڪستان جيڪا ڊگهي جنگ وڙھي فتح حاصل ڪئي آھي ان جذبي کي موجوده وقت ۾ به قائم رکڻو آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو