ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي، ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ پوليس مختلف ضلعن مان 26 منشيات فروش گرفتار ڪري وٽانئن 18 ڪلو چرس، هڪ ڪلو آئيس، صحت لاءِ ھاڃيڪار گٽڪي جا پيڪٽ، ڪچو شراب ۽ ٻي منشيات ھٿ ڪري ورتي آھي. ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪارروائي ڪندي جوابدار عابد پٽ شاهه محمد کي گرفتار ڪري ورتو. حيدرآباد ۾ ايڪسائيز واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي قائم ڪيل ايڪسائيز کاتي جي ڊويزنل اسپيشل اسڪواڊ انچارج ميان دانش، جاويد مهر ۽ اورنگزيب شاهه جي سربراھي ۾ مڪراني محلي ۾ ڪارروائي ڪندي اسرا يونيورسٽي کي منشيات سپلاءِ ڪندڙ جوابدار ڪاشف مڪراني کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار ڪاشف مڪراني، امجد مڪراني گروپ جو مکيه ماڻھو آھي ۽ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيم ٽن سالن کان سندس ڳولا ۾ ھُئي. ڪراچي ۾ لياري جنرل اسپتال دبئي چوڪ وٽ اي اي ٽي او جاويد رشيد جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي دوران هڪ جوابدار اقبال کي گرفتار ڪري 5050 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. ايڪسائيز ٽيم ڪورنگي جي انڊس اسپتال وٽ اي اي ٽي او سهيل عباس جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن محمد عمر ۽ اختر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 10 ڪلو چرس هٿ ڪيو آھي. حيدرآباد جي علائقي پنياري ۾ پوليس مقابلي بعد بدنام آئس سپلائر عمران کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار جي وٽانئس هڪ پستول ۽ 270 گرام آئس هٿ ڪئي وئي آھي. بدين پوليس ڪارروائي ڪري بدنام زمانه منشيات فروش مشتاق ملاح عرف ماما مشتاق کي گرفتار ڪري 2025 گرام چرس هٿ ڪري ورتي. بدين پوليس جي هڪ ٻي ڪارروائي دوران گٽڪا فروش معشوق شيخ کي گرفتار ڪري نقصانڪار گٽڪا جا 600 پيڪٽ هٿ ڪيا ويا. ڪڍڻ پوليس منشيات فروش سڪندر علي شورو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 10 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته گٽڪو وڪرو ڪندڙ محمد حنيف ملاح کي به گرفتار ڪري 300 پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا. نندو پوليس منشيات فروش نصرالله کوسو کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو. بدين جي علائقي ڪڙيو گنھور ۾ گٽڪو وڪڻندڙ سرفراز ڪوريجو کي گرفتار ڪري 200 پيڪيٽ مضر صحت گٽڪا هٿ ڪيا ويا. ٺٽي جي ٿاڻي گهوڙا ٻاري ۾ پوليس مقابلي دوران بدنام منشيات فروش عطا محمد عرف عطاني مگسي کي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب، جوابدار عطا محمد عرف عطائي مگسي ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ آئس ۽ هيروئن جو وڏو ڊيلر آهي. ٽنڊوالهيار بي سيڪشن پوليس ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪندي جوابدار لالو کي 1300 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پوليس ڪارروائي دوران جوابدار سجاد علي ملاح کي گرفتار ڪري 100 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار قبا اسٽاپ ڀرسان اڇُو پٽ ڀالُو ڪولهي کي 30 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪيو ويو. ٽنڊو الهيار اي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي مستوئي ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن سليم پٺاڻ، آفاق مستوئي ۽ عبدالله مستوئي کي گرفتار ڪري 200 تيار ٿيل مين پڙيون ۽ 140 ماوا گٽڪا هٿ ڪري ورتا. ڄامشورو ۾ ايڪسائيز پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بدنام منشيات فروش غلام علي جمالي کي گرفتار ڪري 500 گرام آئس هٿ ڪري ورتي. ٺٽي ضلعي جي پوليس گھارو، ٺٽو، ڳاڙھو، ڌاٻيجي، ڪيٽي بندر، ساڪرو، جھرڪ ۽ جھمپير ۾ ڪارروايون ڪري 7 منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 1640 گرام چرس، گٽڪا ماوا جا 3950 پيڪيٽ، 91 ڪلو گٽڪا ٺاهڻ جو سامان، وڏي مقدار ۾ ديسي شراب هٿ ڪيو ويو. ايڪسائيز ۽ پوليس جي ڪامياب ڪاررواين تي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو ايڪسائيز ۽ پوليس آفيسرن جي محنت ۽ بهادري کي ساراهي ٿو اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين کي ملوث ماڻھن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. هن چيو ته منشيات جي لعنت جي خاتمي ۽ محفوظ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون، قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.










