پوري دنيا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجهو ويندڙ شهر “ لاڙڪاڻو ” ۾ ٻارڙن توڙي فيملي لاءِ هن وقت تائين ڪو به سير و تفريح لاءِ پارڪ باغ ڪونهي، جتي صحت مند سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن، جنهن ڪري لاڙڪاڻي شهر جا ماڻهو مجبورا موئن جو دڙو، سکر بئراج، معصوم جو منارو، لينسڊائون پل، خيرپور ميرس ۾ فيض محل ۽ ٻين ڀرسان وارن شهرن ڏانهن سير تفريح لاءِ وڃن ٿا، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي اندر نوجوانن جي واڪ ، ورزش، صحتمند ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي واڪ جي لاءِ پارڪن، باغن جي پر هتي سواءِ هڪ اڌ جي نوجوان توڙي عمر رسيدهه ماڻهو روڊن رستن تي واڪ ڪندي صبح، شام توڙي رات جو نظر چن ٿا، لاڙڪاڻي شهر ۾ هر پاسي جهڙوڪ ستون نمبر ناڪو، سينٽرل جيل روڊ، ميروخان چوڪ روڊ، نئون ديرو روڊ، پراڻو بس اسٽينڊ، نيو بس ٽرمينل، مراد واهڻ روڊ، باقراڻي روڊ، سرشاهنواز ڀٽو ميموريل لائبرري سامهون، نظر محلا روڊ، ڀينس ڪالوني روڊ، ڦل روڊ، علي گوهر آباد روڊ، رسول آباد روڊ، شهر جي ريلوي لائين ٽيچرس ڪالونيءَ کان ويندي دودائي روڊ سميت ٻين علائقن ۾ واڪ ، سير و تفريح لاءِ پارڪ ، باغن جي ضرورت آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سينٽرل جيل جي احاطي ۾ چوڌاري وسيع گرائونڊ خالي پيو جتي چئني طرفن کان بهترين پارڪ باغ ٺهي سگهن ٿا، انهي سان گڏ ئي لاڙڪاڻي شهر جي وچ سينٽر پوائنٽ تي جيلس بازار آهي جنهن ڪري عوام کي شديد تڪليف دشواري سان منهن ڏيڻو ٿو پئي جيڪڏهن اها جيلس بازار سبزي مارڪيٽ شهر کان ٻاهر شفٽ ڪري اتي به هڪ وڏو پارڪ باغ ٺهي سگهي ٿو، گڏوگڏ ئي لاڙڪاڻي شهر جي اندر باغ ذوالفقار جنهن تي هن وقت اڌ کان وڌيڪ قبضو ٿي چڪو آهي اهو قبضو به ڇڏائي لاڙڪاڻي شهر جي نوجوانن کي مڪمل طرح واڪ ۽ سير و تفريح لاءِ واپس ڪرايو وڃي ته جيڪر لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي سونهن ۽ خوبصورتي واپس اچي سگهي ٿي ۽ لکين لاڙڪاڻي واسين عوام جي خوشين جي انتها نه رهندي ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ طرفان اها لاڙڪاڻي شهر کي پارڪن باغن جي خوبصورتي واپس ڪرائي ڏي ٿي ته لاڙڪاڻو جو عوام سمجهندو ته واقعي پيپلز پارٽي عوام جي احساسات ۽ جذبات جي ترجماني ڪندڙ پارٽي آهي. باقي نه ته لاڙڪاڻي شهر ۾ باغن جي کوٽ سڃ پور جا منظر پيش ڪري رهي آهي.
عبدالفتاح عباسي لاڙڪاڻو










