وزيراعظم ڪوئيٽا جي دوري تي پهچي ويو، اهم  فيصلن جو امڪان

وزيراعظم ڪوئيٽا جي دوري تي پهچي ويو، اهم فيصلن جو امڪان

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو.ايئرپورٽ تي شهباز شريف جو استقبال بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي ۽ ٻين عملدارن ڪيو.وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو.اجلاس ۾ گورنر، وڏو وزير، وفاقي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدار شرڪت ڪندا.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن سان به ملاقات ڪندو.وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوئيٽا دوري جي موقعي تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.دوري جي موقعي تي ايئرپورٽ روڊ ۽ زرغون روڊ تي سيڪيورٽي لاءِ اضافي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.وزيراعظم جي آمد تي ايئرپورٽ روڊ ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي سڪيورٽي اهلڪار گشت پڻ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو