اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيد الفطر جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. عيد قومي اتحاد ۽ اجتماعي ذميواري جي تقاضا ڪري ٿي. عيد جون خوشيون تڏهن ئي پوريون ٿينديون آهن جڏهن اهي اسان جي آس پاس جي ماڻهن سان شيئر ڪيون وينديون آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ دنيا هڪ غير معمولي آزمائش کي منهن ڏئي رهي آهي. اسان جي خطي ۾ جاري جنگ عالمي معيشت ۽ امن ۽ استحڪام کي ڌوڙ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خطي ۾ برادر ملڪن جي توانائي سهولتن تي حملن بحران کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته خدشو آهي ته هي بحران وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. هن وقت عالمي منڊي ۾ گلف تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. تيل، جيڪو ڪجهه هفتا اڳ 72 ڊالر في بيرل هو، اڄ 158 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي. تازي تاريخ ۾، مهانگائي جو طوفان اُڀري رهيو آهي. مارچ جي شروعات ۾ تيل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ عوام تي وڏو بار وڌو آهي. وزيراعظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائڻ جي تجويز رد ڪئي وئي آهي. کيس پيٽرول جي قيمت ۾ 50 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 74 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي. اهڙين حالتن ۾ وڌيڪ واڌ عام ماڻهو جي زندگي تي سخت اثر وجهندي.










