لاهور(ويب ڊيسڪ)حڪمران اتحادي پارٽي مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي ڪجهه صلاحڪارن کان هوشيار رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته سندس صلاحڪار غلط بياني ذريعي حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ فاصلا وڌائي رهيا آهن. وزيراعظم جي نالي پيغام ۾ پرويز الاهي ڪجهه اخبارن ۽ ميڊيا هائوسز ۾ اشتهارن جي بندش جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اظهار جي آزادي جمهوريت جو حسن آهي. هن چيو ته اهڙيون خبرون آيون آهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ميڊيا ۾ اچڻ کان روڪيو ويو آهي، هن چيو ته اهڙي قدم سان پي ٽي آءِ پنهنجا خيال متوازن انداز ۾ پيش نه ڪري سگهندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڪجهه چئنلز تي نه وڃڻ جي هدايت تي کيس ڳڻتي آهي ۽ وزيراعظم ۽ پارٽي قيادت کان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. پرويز الاهي چيو ته اشتهارن تي پابندي ظاهري طور تي پيڪا آرڊيننس جي حوالي سان لاڳو ڪئي وئي، سرڪاري اشتهار عوام جي ٽيڪس مان ادا ڪيا ويندا آهن جنهن کي ڪجهه اخبارن ۽ چينلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. مسلم ليگ ق جي سينيئر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حيران آهيان ته پي ٽي آءِ حڪومت ميڊيا هائوسز کي ڇو نشانو بڻائي رهي آهي، مون کي مسئلا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.










