ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي شڪايت ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، خالد مقبول، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال ۽ عطاءُ الله تارڙ وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي ڪابينا ۾ به سنڌ کي وڌيڪ نمائندگي آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال ۽ قيصر شيخ ڪراچي ۾ رهن ٿا، خالد مقبول جو تعلق ڪراچي سان آهي، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. ترجيحي بنيادن تي ڪيو ويندو.مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم وڏا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.سنڌ جي وڏي وزير بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ تباهي مچائي هئي، ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ تعميراتي مرحلي جي شروعات ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته 70 سيڪڙو فنڊ ڊونر ايجنسيون فراهم ڪنديون، جڏهن ته 30 سيڪڙو امدادي ادارا. فنڊنگ وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ڪنديون، امدادي ادارن 557.79 بلين رپيا ڏنا، ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو منصوبو 500 ملين ڊالرز جو منصوبو آهي، اسڪولن جي تعمير جو منصوبو 11 هزار 917 ملين رپيا آهي.مراد علي شاهه وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت 25 ارب رپيا جاري ڪيا، وفاق فنڊز فراهم نه ڪيا جڏهن ته وفاق گذريل 4 سالن کان نئين اسڪيمن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو.ڪراچي پهچڻ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وزيراعظم جو استقبال ڪيو، وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، خالد مقبول صديقي ۽ عطا تارڙ به ڪراچي پهتا.وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهباز شريف جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.ڪراچي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف پهريون ڀيرو مزار قائد تي حاضري ڀري، جتي هن گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ھوڏانھن وزيراعظم مزار قائد تي حاضري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس پهچي ويو، ترجمان وڏي وزير موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وزيراعظم پاڪستان سان ون ٽو ون ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم سان سڌي ريت ڪٽوتين کانپوءِ فنڊن جي واپسي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي،وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ وزيراعظم چيو تھ گڏجي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، وزيراعظم ڪراچي ۾ واپاري برادري ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان به ملاقات ڪندو، شهباز شريف ڪراچي ۾ واپاري برادري کان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ تجويزون پڻ وٺندو، وزيراعظم سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ