وزيراعظم جو ڪراچي لاءِ 1113 ارب جي پيڪيج جو اعلان

وزيراعظم جو ڪراچي لاءِ 1113 ارب جي پيڪيج جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جا بنيادي مسئلا مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ 1113 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ واٽر سپلاءِ لاءِ 92 ارب، استعمال ٿيل پاڻي ٻيهر قابل استعمال بڻائڻ لاءِ 141 ارب، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، اسٽارم واٽر ڊرين ڪليئرنس ۽ ريسيٽلمينٽ لاءِ 267 ارب، رود ٺاهڻ لاءِ 41 ارب ۽ ٽرانسپورت سيڪٽ بشمول سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ 572 ارب روپيا رکيا ويا آهن.سرڪلر ريلوي لاءِ چين 250 ارب ڏيندو، 50 ارب سنڌ حڪومت مهيا ڪندي جڏهن ته بلاول ڀٽو موجب مجموعي 1100 ارب مان 800 ارب سنڌ حڪومت ۽ 300 ارب وفاقي حڪومت ڏندي. وزيراعظم ٻڌايو ته ترقياتي ڪمن تي عملدرآمد لاءِ فوج جو اهم ڪردار هوندو، سڀ اسٽيڪ هولڊرن تي مشتمل پراونشل ڪوآرڊينشن اينڊ املپيمينٽيشن ڪميٽي يعني پي سي آءِ سي قائم ڪئي وئي آهي.

Photo facebook

گورنر هائوس ۾ ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي کي پلان ۾ شامل ڪيو آهي، پاڻي لاءِ ڪي فور منصوبي جو هڪ حصو وفاق ۽ هڪ حصو صوبائي حڪومت کنيو آهي، نيڪال جي نظام، ڪچري ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ وارا منصوبا به پلان ۾ شامل ڪيا آهن، اين ڊي ايم اي نالن جي صفائي ڪندي ۽ حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت کنئي آهي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ وفاق، صوبائي حڪومت، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ريلوي سوڌو ٻين ادارن جون ڌار ڌار حدون هجڻ سبب منصوبن تي عمل ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري هاڻي اُن تي عمل پي سي آءِ سي نالي جُڙيل ڪميٽي ذريعي فور ۽ موثر نموني ڪيو ويندو، سنڌ ۾ برسات سٽيل ٻين علائقن ۾ به صوبائي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ به گڏجي تياري ڪئي ويندي.برسات سبب سڄي ملڪ ۾ تباهي ٿي آهي. ڪورونا جي آفت بعد بارش جي آفت آئي ان سان منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪنداسين. هن ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن بابت ڪو اعلان نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو