ڪراچي(پ ر) واپڊا جي حد ۾ ايندڙ حب ڪينال ۾ برساتن سبب ڪٽوتي ۽ نقصان واري مامري تي چيف انجنيئر واٽر ڪارپوريشن چيو آهي ته واپڊا انتظاميا حب ڪينال جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، حب ڪينال مان پاڻي جي فراهمي گذريل رات 1 وڳي بحال ڪئي وئي، حب ڊيم کان حب پمپنگ اسٽيشن تائين پاڻي پهچڻ ۾ 12 ڪلاڪ لڳي ويا آهن، متاثر علائقن ۾ اڄ منجهند تائين پاڻي جي فراهمي معمول تي اچي ويندي، پاڻي جي فراهمي ۾ دير تي عوام کان معافي وٺان ٿو،










