جروار (رپورٽ محمد بخش گبول)يارولنڊ شھر سميت ڪيترين ئي ڳوٺن جي بجلي هڪ مهيني کان بل جمع نه ڪرائڻ ۽بجلي جا پول ڪريل هجڻ سبب بند پيل آھي ,شھرين جو احتجاج بجلي بند هجڻ ڪري بجلي جو ڪاروبار بند پيل آھي ۽روزيدار به تڪليفن کي منهن ڏين ٿا ,احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته سيپڪو وارا ڪڻڪ جو مڻ في گهر تي گهرن ٿا نه ڏيڻ جي ڪري بجلي بند ڪئي ويئي آھي ,يارولنڊ ۽ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ڏي بلن جا لکين روپيا بقايا آھن بل جمع نه ڪرائڻ جي ڪري بجلي ڪاٽي ويئي آھي سيپڪو عملدار ,تفصيل موجب يارولنڊ ۽ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جي بجلي هڪ مهيني کان بند هجڻ ڪري علائقي واسي آزاب ۾ گذارڻ لڳا يارولنڊ شهر سميت سوين ڳوٺن جي بجلي بند هجڻ ڪري يارولنڊ ۾ شھرين جو بجلي جي بحالي لاء عبدالوحيد رباني ڊاڪٽرغلام علي لنڊ صدام حسين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ شھرين جو چوڻ هو ته هڪ مهيني کان مٿي ڏينهن گذري ويا آھن بجلي بند پيل آھي بجلي بند هجڻ سبب روزيدار تڪليفن کي منهن ڏين ٿا هنن وڌيڪ چيو ته بجلي تي هلندڙ ڪاروبار به بند پيل آھي جنهن سبب سوين مزدور غريب بيروزگار آھن ,تازو پيل هوائن ۽برساتن سبب ڪيترائي بجلي جا پول ڪري پيا آھن پر پول به نوان اڃا تائين نه لڳايا ويا آھن احتجاج ڪندڙڻ الزام هنيو ته سيپڪو جا عملدار هر سال هر گهر کان ڪڻڪ جو مڻ وٺندا هئا هن سال ڪڻڪ انهن کي نه ملي تنهن ڪري انهن بجلي بند ڪري آذاب ۾ وجهي ڇڏيو اٿن ,جيڪڏھن بل نه پيارڻ جو مسئلو آھي ته جيڪي بل نه ٿا جمع ڪرائن ته انهن جي بجلي بند ڪئي وڃي باقي چند ماڻھن جي ڪري هزارين ماڻھن کي آذاب ۾ نه وڌو وڃي هوڏانهن سيپڪو عملدارن لائين سپريڊنٽ نظير احمد جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته يارولنڊ سميت ڳوٺن جا ماڻھون بجلي جا بل نه ڏين ٿا لکين روپين جي بل بقايا آھي بل جمع ڪرائين ته بجلي هلائي ويندي ,










