ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )اڳوڻي صدر پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ شخص جو اقتدار جو لت کيس چريو بڻائي رهيو آهي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب آصف علي زرداري اها ڳالهه سنڌ جي وزيرن سان ڳالهائيندي چئي.هنن جو چوڻ آهي ته هي شخص هر روز اسان جي فوج تي تنقيد ڪري رهيو آهي، فوج جا آفيسر ۽ جوان دهشتگردن سان وڙهندا رهيا آهن ۽ جانيون به قربان ڪري رهيا آهن.آصف زرداري چيو ته هي شخص فوج، پوليس ۽ ليڊي مئجسٽريٽ کي ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو.هن چيو ته عدليه کي ڏسڻو آهي ته ڇا هي شخص قانون کان مٿانهون آهي. منهنجي، نواز شريف ۽ مريم بيٽي خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.اڳوڻي صدر چيو ته هي شخص هر قانون پاڻ ٽوڙي سگهي ٿو. ان خلاف ادارن ۽ حڪومت کي پنهنجي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻي پوندي.هن وڌيڪ چيو ته چئني صوبن ۾ برساتن سبب ايمرجنسي واري صورتحال آهي، متاثرن جون نظرون اسان تي اٽڪيل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو به چوڻ آهي ته سياست ڇڏي رڳو مظلومن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.










