ذوالفقار قادري
بارکان بلوچستان جي زوب ڊويزن جو ضلعو آھي جنهن جون لورالائي ڊيره غازي خان ٖ مري ايجنسي جي ڪوهلو ۽ ڪاهان سان گڏ ڊيره بگٽي ايريا سان لڳن ٿيون بارکان ۾ کيتران قبيلي جي اڪثريت آھي گذريل ڏينهن کيتران قبيلي جي سردار عبدالرحمان کيتران جي نجي جيل ۾ قيد مري قبيلي جي عورت گران ناز مري ۽ سندس ٻن پٽن جا لاش هڪ کوهہ مان مليا آھن ان واقعي جتي انسانيت جو ڪنڌجهڪائي ڇڏيو تہ ٻئي طرف اڪثر بلوچ سردارن ان واقعي کي بلوچ روايتن خلاف قرار ڏنو آھي مون کي 1995ع ۾ ڊيره بگٽي ۾ نواب اڪبر بگٽي سان ٿيل سندس ڪوٽ ۾ ملاقات ياد آئي جنهن ۾ هن بلوچ روايتن ۾ عورت ۽ معصوم ٻارن بابت احترام جو ذڪر ڪيو هو هڪ طرف سردار عورت جي تذليل ڪري انسانيت کي لڄايو تہ ٻئي طرف نواب اڪبر بگٽي هڪ نياڻي سان سئيء ۾ ڏاڍائي خلاف هٿيار کڻي جبلن ڏانهن هليو ويو نواب اڪبر بگٽي جا جنرل مشرف جي سرڪار سان اڳ ۾ ئي سئي ۽ ڊيره بگٽي مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي ٖ مقامي بلوچ نوجوانن کي او جي ڊي سي ۽ پي پي ايل ۾ نوڪرين ۾ جائز حصو پتي نہ ڏيڻ ۽ سندس مخالف ڪلپر بگٽين کي حڪومت طرفان مدد ڪرڻ تان معاملا بگڙيل هئا تہ مٿان گمبٽ لڳ کهڙا واسي ڊاڪٽر شازيہ سان پيش آيل واقعي باه جي مٿان پئٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو ٖ ڊاڪٽر شازيہ جو تعلق کهڙا شھر سان هو جنهن جو خاندان کهڙا مان لڏي ڪلفٽن ڪراچي شفٽ ٿي چڪو هو شازيہ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان گريجوئيشن ۽ هاوس جاب ڪرڻ بعد نوڪري لا۽ مختلف هنڌن تي درخواستون موڪليون آخر پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ ۾ سئي گئس فيلڊ بلوچستان ۾ ليڊي ميڊيڪل آفيسر جي نوڪري لا۽ ڪامياب ٿي وئي 23 جون 2003ع تي ڊاڪٽر شازيه سئي فيلڊ ڊيره بگٽي ۾ نوڪري کي جوائن ڪيو جلد ئي سندس مڙس انجنيئر خالد امان کي به چائنہ جي پئٽروليم ڪمپني ۾ نوڪري ملي وئي خالد امان کي ڪمپني ٽريننگ لا۽ پهرين سوڊان موڪليو بعد ۾ کيس ليبيا موڪليو ويو ڊاڪٽر شازيه جو مڙس انجنيئر خالد امان بہ کهڙا واسي هو سندس خاندان بہ ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو اهڙي طرح هن جوڙي جي زندگي سڪون سان پئي گذرندي هئي ڊاڪٽر شازيه پي پي ايل فيلڊ سئي جي ملازمن لا۽ جوڙايل هڪ گهر ۾ رهندي هئي جڏھن تہ جنهن اسپتال ۾ سندس ڊيوٽي هئي اها اسپتال بہ پي پي ايل فيلڊ اندر ئي جڙيل هئي پي پي ايل منسٽري آف پيٽروليم جو هڪ ذيلي ادارو آھي جنهن جو ڪم پاڪستان جي مختلف علائقن مان تيل ۽ گئس جي ڳولها ڪري مختلف ڪمپنين کي فراهم ڪرڻ آھي سئي شھر ڊيره بگٽي کان ڏھن ميلن جي مفاصلي تي آھي پاڪستان ۾ گئس جو پهريون ذخيرو پنجاه جي ڏھاڪي ۾ بلوچستان جي ڳوٺ سئي مان مليو هو سو ان گئس کي ان شهر سان منسوب ڪندي سئي گئس جو نالو ڏنو ويو سئي ۾ گئس جي کوهن مان گئس ڪڍي پيوريفڪيشن پلانٽ تائين آڻي صاف ڪري پو۽ ٽربائن سسٽم ذريعي ملڪ جي مختلف علائقن کي فراهم ڪئي ٿي وڃي پلانٽ ھڪ وڏي وسيع ايراضي تي پکڙيل آھي جتي پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جا گهر . ملازمن لا۽ اسپتال ۽ ٻيا دفتر قائم آھن پلانٽ جي سيڪيورٽي قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن تي مشتمل ڊفينس سيڪيورٽي گارڊ جي حوالي ٿيل آھي اندر وڃڻ ايترو آسان نه آھي شناخت ۽ سيڪيورٽي پاس کان سوا۽ ڪنهن کي بہ اندر وڃڻ جي اجازت ڪونهي اهڙي سخت سيڪيورٽي ۾ 2 ۽ 3 جنوري 2005ع جي هڪ رات سئي فيلڊ جي سيڪيورٽي جي زميوار اداري ڊفينس سيڪيورٽي گارڊ جي هڪ ڪيپٽن حماد ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شازيہ خالد جي گهر ۾ داخل ٿي ڊاڪٽر شازيہ سان جنسي ڏاڍائي سان گڏ مزاحمت تي کيس زخمي پڻ ڪيو اهڙي واقعي کي پي پي ايل انتظاميہ ڳجهو رکيو ڇو تہ پي پي ايل فيلڊ اندر اهڙو واقعو ڪا معمولي ڳالهه نه هو ڊاڪٽر شازيہ کي زخمي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هوش اچڻ تي ڊاڪٽر شازيہ پنهنجي مڙس کي ليبيا فون ڪري گهرايو ٻئي طرف جيئن ئي ڊاڪٽر شازيہ خالد سان جنسي ڏاڍائي جي خبر سئي ۽ ڊيره بگٽي جي بگٽي قبائلين کي پئي تہ تاءٗ پکڙجي ويو بگٽي قبيلي جي هٿياربندن سئي گئس پلانٽ سميت مختلف سرڪاري تنصيبات تي راڪيٽ حملا شروع ڪيا نواب اڪبر بگٽي اعلان ڪيو ته سنڌ جي نياڻي سان اسان جي علائقي ۾ ٿيل زيادتي اسان جا ڪنڌ نوائي ڇڏيا آھن جيسين واقعي ۾ ملوث ڪيپٽن حماد اسان جي حوالي نہ ڪيو ويندو سرڪار سان ڪو بہ ٺاه نه ٿيندو نواب اڪبر بگٽي جي ان اعلان بعد وڏي پئماني تي فوجي دستا ڊيره بگٽي ۽ سئي اماڻيا ويا سئي ۽ ڊيره بگٽي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو سيڪيورٽي فورسز جي دستن ۽ بگٽي قبيلي جي ويڙھاڪن درميان شديد جهڙپون ٿينديون رهيون سيڪيورٽي ادارن ڊيره بگٽي شھر ۽ نواب اڪبر بگٽي جي قلعي تي شديد بمباري ڪئي ان جي نتيجي ۾ شھر ۽ نواب جي قلعي جو وڏو حصو تباه ۽ مسمار ٿي ويو مشرف سرڪار ڳجهه ڳوهه ۾ ڊاڪٽر شازيہ ۽ سندس مڙس انجنيئر خالد امان کي زوري برطانيہ اماڻي ڇڏيو حڪومت نواب اڪبر بگٽي جي ڀيڻيوي مير شير باز مزاري . چوڌري شجاعت سميت ڪئين ماڻھو نواب اڪبر بگٽي ڏانهن ٺاه لا۽ موڪليا پر نواب اڪبر بگٽي ڪيپٽن حماد جي حوالگي تائين ڪنهن بہ ٺاه کان انڪار ڪري ڇڏيو آخر نواب اڪبر بگٽي پنهنجو قلعو ڇڏي ڪوهلو ۽ ڊيره بگٽي جي سرحدي جابلو علائقي جي ترنتائي جي غارن ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو جتي 26 آگسٽ 2006ع تي سيڪيورٽي ادارن طرفان سندس ٺڪاڻي تي گائيڊيڊ ميزائلن سان حملو ڪيو ويو ان حملي جي نتيجي ۾ نواب اڪبر بگٽي پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو ٖ هاڻي هن فاني جهان ۾ نہ نواب اڪبر بگٽي رهيو ۽ نہ ئي وري جنرل پرويز مشرف جيئرو آھي پر نواب اڪبر بگٽي جي ان بهادري واري ڪردار کي اڄ بہ ياد رکيو وڃي ٿو










