خيرپور(سجاد علي ڪٻر) گمبٽ جا رهواسي فنڪار ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن هٿان مبينه طور اغوا مغوين جا وارث سخت پريشان پوليس ڪابه مدد نه پئي ڪري .گذريل ڏينهن هٿياربند گمبٽ واسي چار فنڪارن سهيل ڀٽي، دربان ڀٽي، اخلاق ۽ مزمل ڀٽي کي شادي پروگرام بهاني دوکي سان گهرائي بڊاڻي واري علائقي مان اغوا ڪري ويا ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي مغوي فنڪار سهيل ڀٽي جي والد ميرڻ ڀٽي ۽ ڀاءُ طفيل ڀٽي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هٿياربند چئن ڄڻن کي دوکي سان گهرائي اغوا ڪري ويا پر پوليس رڳو جاءِ واردات ڏسڻ بعد ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪري ۽ رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي مغوين جي وارثن وڌيڪ چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي ڏسي اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪندڙ ڪو جاني نقصان نه پهچائن ڏوهارين جون سرگرميون وڌي وڃڻ سبب ضلعي جو عوام سخت پريشان آهي ٻئي طرف ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته فنڪارن کي شرن جي ڏوهارين جي هڪ ٽولي اغوا ڪيو آهي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ کين جلد کان جلد بازياب ڪرايو ويندو










