هٿياربندن جو گهر تي حملو، عورت قتل

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) ڳوٺ ماڏو ۾ هٿيار بندن حملو ڪري شريف جيسر جي گهر ۾  داخل ٿي دادلي زال شريف جيسر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته پوليس پاران لاش ڪارروائي لاءِ دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف گهر ڀاتين جو چوڻ آھي ته دلبر جيسر، سونو جيسر وارن اسان جي گهر تي حملو  ڪيو آھي. ياد رهي ته جيسر برادري جو پيار جي پرڻي بعد ڪجھ وقت اڳ شاهنواز جيسر کي پڻ قتل ڪري مائي مختياران جيسر کي اغوا ڪري ويا هئا ان بعد مسلسل ٻئي ڌريون مورچا بند هيون. ٽي ڏينهن اڳ علائقي واسي امن جو قافلو وٺي ٻنهي ڌرين ڏانهن صلح لاءِ ويا پر سونو جيسر ميڙ منٿ قافلي کي جواب ڏئي ڇڏيو هو. آخري اطلاعن موجب پوليس طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ۽ نه ئي وري مالڪن طرفان ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو