بهاوالپور: (ويب ڊيسڪ) بهاوالپور ۾ باهه لڳڻ جي ٻن مختلف واقعن ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن.ريسڪيو اختيارين موجب حاصل پور ۾ گهر ۾ سيءَ کان بچڻ جي لاءِ هلايل هيٽر مان باهه لڳڻ سبب ڪمري ۾ ستل بزرگ زال مڙس باهه ۾ سڙڻ ۽ دونهين سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.هوڏانهن خانقاهه شريف ۾ 50 ورهين جو موٽر مڪينڪ دڪان ۾ هلايل هيٽر مان لڳل باهه ۾ سڙي فوت ٿي ويو. انهي کان علاوه سرگودها ۾ محمدي ڪالوني هاٿي چوڪ ۾ گيس ليڪيج سبب گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حافظ آباد ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي سبب 2 ماڙ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.










