هيومن رائٽس، خرم پرويز ۽ بي جي پي

ڪوثر لوڌي
ڀارت جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪن خرم پرويز کي گرفتار ڪري پنهنجي ڪاري قانون تحت نظربند ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ قانون تحت ضمانت حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. خرم پرويز هندستان جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي جي ناقدین ۾ شامل آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ڪوئليشن اينڊ سول سوسائٽي ڪشمير ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت ڪيتريون ئي رپورٽون شايع ڪري چڪو آهي. هو ڪشمير ۽ ايشيا ۾ جبري گمشدگين بابت هڪ تنظيم جو سربراهه پڻ آهي. خرم پرويز جي آفيس ۽ رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ۽ مٿس دهشتگردن جي مالي مدد ۽ سازش ۾ حصو وٺڻ جو الزام هنيو. جڏهن ته خرم پرويز جي طرف کان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو ۽ نه ئي ڪو ردعمل سامهون آيو آهي. عالمي سطح تي هر فورم تي سندس آزاديءَ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن. 2016 ۾ اختيارين کيس تڪراري پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو جڏهن کيس سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ان ڪري 22 نومبر 2022ع تي گرفتار ٿيل خرم پرويز لاءِ ڪشمير ميڊيا سروس جي انساني حقن جي ڪارڪنن جي صورتحال تي گڏيل قومن جي خاص نمائندي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڪشمير ۾ خرم پرويز جي گرفتاري جي ڏکوئيندڙ خبر ملي آهي ۽ انتظاميه طرفان دهشتگرديءَ سان لاڳاپيل ڏوهن جا الزام لڳڻ جو خطرو آهي. گڏيل قومن جي خاص نمائندي واضح ڪيو ته خرم پرويز دهشتگرد نه پر انساني حقن جو علمبردار آهي. ان حوالي سان هيومن رائيٽس واچ جي سائوٿ ايشيا ڪوآرڊينيٽر ميناڪشي گنگولي جو چوڻ هو ته خرم پرويز جي گرفتاري دراصل ڏکوئيندڙ عمل آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قابض ڀارتي انتظاميا انهن ماڻهن کي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي جيڪي بنيادي انساني حقن جهڙوڪ تشدد ۽ ماورائے عدالت قتل جي روڪٿام لاءِ يو اي پي اي جي ڪاري قانون ذريعي آواز بلند ڪن ٿا. عالمي سطح تي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم رائٽر فائونڊيشن هڪ بيان ۾ ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته خرم پرويز کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي . فائونڊيشن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي ملڪ جي آئين ۽ عالمي معاهدن ۾ درج ماڻهن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪشميرين کي حراسان ڪري رهي آهي . ڀارت جي سياسي ڪارڪن يوگيندرا ياديو چيو آهي ته شرم جي ڳالهه آهي ته سڄي زندگي انساني حقن جو تحفظ ڪندڙ خرم پرويز تي هاڻي دهشتگردي جا الزام لڳايا پيا وڃن. سرينگر ۾ آل پارٽي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مير واعظ عمر فاروق جي سربراهي ۾ حريت فورم ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پنهنجن الڳ الڳ بيانن ۾ مودي حڪومت جي طرفان خرم پرويز جهڙي انساني حقن جي ڪارڪنن کي قيد ۾ رکڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. حريت ڪانفرنس جي ترجمان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ حق خوداراديت جي پرزور مطالبي کي دٻائڻ لاءِ ڪارو قانون اين آءِ اي کي عمل ۾ آندو آهي. ميرواعظ فورم انساني حقن جي عالمي تنظيمن تي زور ڏنو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ وڏي پيماني تي گرفتاريون بند ڪري. بار ايسوسيئيشن چيو آهي ته خرم پرويز جي گرفتاري جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي آواز کي دٻائڻ آهي. ٻين حريت اڳواڻن، تنظيمن، عبدالاحد، ڊاڪٽر مصعب احمد، ڪشمير فريڊم فرنٽ، ڄمون ۽ ڪشمير پيپلز فريڊم ليگ، خرم پرويز جي گرفتاري ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪشمير ڪائونسل يورپ ۽ ليگل فورم فار ڪشمير پڻ خرم پرويز جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ ياسمين راجا شهيد ڊاڪٽر مدثر گل جي خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سرينگر جي علائقي بڊگام پهتي. ان موقعي تي نيشنل ڪانفرنس جي صدر فاروق عبدالله ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌمڪيون نه هلنديون. بي جي پي هندستان ۾ مسلمانن سان ۽ والاريل ڪشمير جي مسلمانن سان ظلم ڪري رهي آهي پر ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته هڪ خرم پرويز جي گرفتاري سان هو سوشل ميڊيا ۽ دنيا جي ٻين انساني حقن جي تنظيمن جو آواز ڪڏهن به خاموش نه ڪري سگهندو. اهڙي طرح هڪ ڏينهن هندستان اڪيلو ٿيندو ۽ سڄي دنيا جو اعتماد وڃائي ويهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو