محمد خالد ميمڻ
گذريل ڏينهن هندو مذهب جي ڏڻ هولي ڏهاڙي هڪ افسوسناڪ ڏک ڀري خبر ملي ته چمڙي جي ماهر مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي سندس ملازم ڇري جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي سنڌ جو هڪ بهترين چمڙي جو انتهائي ماهر ڊاڪٽر هيو ۽ سندس ڪلينڪ تي مريضن جي هروقت وڏي رش هوندي هئي مون کي پڪي يادگيري آهي ته تقريبن 15 سال اڳ مون کي پيرن ۾ خارش ٿي پئي هئي ۽ ان ڪري ڦٽ پڻ ٿي پيا هيا جنهن جو مان ڦل نوشهروفيرو نواب شاه جي ڊاڪٽرن کان تمام گهڻو علاج ڪرايو پر مون کي انهن جي ڏنل دوائن مان ڪوبه فائدو نه ٿيو ۽ مان حيدرآباد هليو ويس ۽ اتي ڊاڪٽرن واري علائقي صدر ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي ڪلينڪ تي هليو ويس اتي پهتس ۽ نظر ڊوڙايم ته ڪلينڪ اندر مريضن جي وڏي رش هئي ۽ مونکي واپس گهر به پهچڻو هيو سو هڪ پني تي پنهنجو نالو ۽ ايڊريس لکي ڊاڪٽر ڏي موڪليم ۽ لکيومانس ته مان پري ڦل شهر ضلع نوشهروفيروز کان آيو آهيان ۽ واپس به وڃڻو آهي ان ڪري مون کي جلدي گهرايو چٺي ملڻ بعد ڊاڪٽر صاحب مون کي جلدي گهرايو ۽ چيائين ته ڊاڪٽر عزيزالله ميمڻ سان اوهان جو ڪهڙو رشتو آهي مون ٻڌايومانس ته اهو منهنجي بابا جو سؤٽ ۽ منهنجو چاچو هيو ته پاڻ ٻڌايائين ته ڊاڪٽر عزيزالله ميمڻ ۽ مون گڏ لمس ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي هئي ۽ جڏهن اوهان جيڪا چٺي موڪلي هئي ۽ ان ۾ ڦل شهر جو نالو لکيو ته مون کي ڊاڪٽر عزيزالله ميمڻ ياد آيو ۽ ان جي ڪري ئي مون جلدي اوهان کي گهرايو ۽ ائين مون کان مرحوم ڊاڪٽر عزيزالله ميمڻ ۽ سندس پؤنئيرن بابت تفصيلي حال احوال پڇيائين ۽ منهنجي بيماري بابت پڇي چيائين ته پهريان ته اهو اوهان جيڪو ريگزين جو پشاوري سينڊل پاتو آهي اهو نه پايو ۽ ڪهين واري هوائي چپل پايو ۽ گڏوگڏ هڪ عام هلڪي قيمت واري ڪريم ۽ گوريون لکي ڏنائين جيڪي مون استعمال ڪيون ته منهنجو مسئلو حل ٿي ويو ۽ وري مان پنهنجي علاج لاء کيس وٽ نه ويس ان کي چئبو آهي ماهر ڊاڪٽر جيڪو ڏسڻ سان ئي مرض کي سمجهي ويو ۽ دوائون ڏنائين جنهن مان فائدو به ٿي ويو ان سبب جي ڪري ئي سندس جي ڪلينڪ تي هروقت مريضن جي رش لڳل هوندي هئي ۽ روزانه سوين مريض هن جي علاج سان شفاياب ٿي رهيا هيا ۽ کيس کي قتل ڪندڙ درندي ڄڻ ته لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس قاتل ضرور منطقي انجام تائين پهچندو ۽ کيس کي قانون موجب سخت سزا به ملندي پر ڇا هي مسيحا وري واپس ايندو نه بلڪل به نه ۽ اسان ماڻهن کي آخر ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي ڪنهن ننڍڙي خواهش يان ضرورت پوري نه ٿيڻ ڪري هڪ دنيا جهان جي مسيحا کي ائين دردناڪ طريقي سان ماري ٿا ڇڏيون ۽ سماج جو هڪ وڏي ۾ وڏو گناه ڪري ٿا وجهون جنهن جو ڪوبه ازالو ممڪن ئي ناهي درندي قاتل کي اگر ڊاڪٽر مان ڪا تڪليف هئي ته پاڻ ڊاڪٽر وٽان نوڪري ڇڏي هليو وڃي هان پر ائين هڪ مسيحا جيڪو لکين مريضن جون تڪليفون گهٽائي رهيو هيو ان کي ڇرين جا وار ڪري قتل نه ڪري ها ڊاڪٽر ڌرم ديو جو خال ڀرجڻ ته ناممڪن آهي پر ان جي قاتل کي سخت ترين سزا ڏيارڻ جو مطالبو ٿو ڪجي ته جيئن آئنده اهڙو ڪو دردناڪ واقعو نه ٿئي ۽ وري ڪو مسيحا ائين قتل نه ٿئي #










